اسلام آباد ??? 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ا?? ڊيرا اسماعيل خان جو دورو ڪندو جتي هو آبادگار ڪارڊ ورهائيندو، وزيراعظم گومل زام ڊيم جي ڪمانڊ ايريا ۽ پي اي آر سي ايرڊ ريسرچ اسٽيشن جو به افتتاح ڪندو. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب وزيراعظم عمران خان ا?? خيبرپختونخوا جي آبادگارن ۾ آبادگار ڪارڊ ورهائيندو، پهرين مرحلي ۾ صوبي جي پنج لک رجسٽرڊ آبادگارن مان 2 لک آبادگارن ۾ آبادگار ڪارڊ ورهايا پيا وڃن، آبادگار ڪارڊ ملڪ جي سڀني اي ٽي ايم مشينن تي استعمال ڪيا ويندا، پهرين مرحلي ۾ آبادگارن جي ڊيٽا بي?? کي بهتر بڻايو ويندو ۽ انهن کي سبسڊي (مشنيري ان پٽ وغيره) فراهم ڪئي ويندي جڏهن ته ٻي مرحلي ۾ آبادگارن کي بنا وياج جي/ وياج جي گهٽ شرح تي قرض فراهم ڪيا ويندا ۽ فصلن جي انشورنس ڪئي ويندي، ان کانسوا??ِ انهن کي قدرتي آفتن جي صورت ۾ مالي امداد به فراهم ڪئي ويندي. ان کانسواءِ صوبي ۾ زراعت جي فروغ لاءِ مالي سال 22 -2021ع دوران آبادگارن کي 1048.38 ملين روپين جي سبسڊي ڏني ويندي، ان کانسواءِ وزيراعظم گومل ايگري يونيورسٽي جي عمارت جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم گومل زام ڊيم جي ڪمانڊ ايريا ۽ پي اي آر سي ايرڊ ريسرچ اسٽيشن جو به افتتاح ڪندو.