اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ??ه والاريل ڪشمير ۾ ڪاليج جي شاگردن جي خلاف پاڪستان جي فتح جو جشن ملهائڻ تي ڪيس داخل ڪرڻ مودي حڪومت جي ناروا حرڪت آهي، ان س??ن آزادي جي اميد وڌي رهي ??هي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ گورنمينٽ ميڊيڪل ڪاليج ۽ شير ڪشمير ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن جي خلاف پاڪستان جي فتح جو نشن ملهائڻ جي الزام ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پاڪستان جي فتح ڪشمير جي فتح آهي ??ه اهي ??شن ڇو نه ملهائين؟ مودي جنتا جي اهڙي ناروا حرڪتن س??ن آزادي جي اميد وڌي رهي ??هي.