اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت ۽ اطلاعات واري وزارت ورڪنگ جرنلسٽس جي ??ويان بيٺل آهي، پروٽيڪشن آ?? جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز ايڪٽ 2021ع جي ??نظوري کانپوءِ حڪومت ۽ ميڊيا هائوسز جي ذميوارين ۾ اضافو ٿيو آهي، اڳوڻي حڪومتي دور ۾ من پسند صحافين ۽ ڪجهه ميڊيا گروپس کي نوازيو ويو جنهن جو اعتراف مريم نواز پنهنجي ??ريس ڪانفرنس ۾ ڪري چڪي آهي، ڪنهن پرائيويٽ ماڻهو پاران سرڪاري وسيلن ۽ اختيارن جو استعمال غير قانوني ??هي. اها ڳالهه هن راولپنڊي اسلام آباد يونين آ?? جرنلسٽس جي ??فد سان ڳالهائيندي چئي. وفاقي وزير چيو ته پروٽيڪشن آ?? جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز ايڪٽ 2021ع جي تياري ۾ صحافتي تنظيمن سميت سمورن صحافتي گروپن سان مشاورت ڪئي وئي، هن چيو ته ماضي ۾ صحافين کي مافياز جي ??ٿان قتل ۽ زخمي ٿيڻ جي ??اقعن کي منهن ڏيڻو پوندو هو، ميڊيا پروفيشنلز ايڪٽ 2021ع جي ??نظوري کانپوءِ هاڻي حڪومت ۽ ميڊيا هائوسز جي ذميدارين ۾ اضافو ٿي ويو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ ذميداراڻي صحافت جي ??روغ جي ضرورت آهي، صحافين کي ان ڳالهه جو خيال رکڻ گهرجي ته ڪا به خبر حقيقي تناظر ۾ ڏني وڃي. هن ان تاثر کي رد ڪيو ته پاڪستان ۾ پريس کي آزادي حاصل نه آهي، اسان پنهنجي ??يڊيا جي آزادي جي ڀيٽ فرسٽ ورلڊ سان ڪندا آهيون جڏهن ته حقيقت ۾ اسان وٽ ميڊيا کي فرسٽ ورلڊ کان به وڌيڪ آزادي حاصل آهي، هن چيو ته اڳوڻي حڪومتي دور ۾ من پسند صحافين ۽ ڪجهه ميڊيا گروپس کي نوازيو ويو جنهن جو اعتراف مريم نواز پنهنجي ??ريس ڪانفرنس ۾ ڪري چڪي آهي، ڪنهن پرائيويٽ شخص پاران سرڪاري رقم ۽ اختيارن جو استعمال غير قانوني ??هي، حڪومت ان ڏس ۾ جاچ ڪري رپورٽ عوام جي سامهون پيش ڪندي، ان موقعي تي راولپنڊي اسلام آٻاد يونين آ?? جرنلسٽس (آر آءِ يو جي) ورڪنگ جرنلسٽس جي حقن جي تحفظ جي ??اءِ پروٽيڪشن آ?? جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز ايڪٽ 2021ع منظور ڪرائڻ تي حڪومت خاص طور تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ انساني ??قن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري جي ڪوششن کي ساراهيو. آر آءِ يو جي اڳوڻي حڪومت دور ۾ من پسند صحافين ۽ مخصوص ميڊيا هائوسز کي نوازڻ جي حوالي سان مريم نواز جي اعتراف ۽ قدمن جي ??ذمت ڪئي. وفد اطلاعات واري وفاقي وزير کي صحافين کي درپيش مسئلن کان به آگاهه ڪيو، وفاقي وزير انهن جا مسئلا ٻڌا ۽ هر ممڪن حل جي خاطري ڪ??ائي. آر آءِ يو جي جي ??فد جي ??يادت آل پاڪستان نيوز پيپرز ايمپلائيز ڪنفيڊريشن (ايپنڪ) لوڪل جي چيئرمين ۽ آر آءِ يو جي جي جنرل سيڪريٽري محمد صديق انظر ڪئي جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ آر آءِ يو جي جي ??قت صدر رانا رضوان، عثمان خان، فرحت فاطمه ۽ ميڊيا ورڪرز آرگنائيزيشن جي صدر ڪليم شميم سميت ٻين تنظيمن جا عهديدار به شامل هئا.