اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي آهي ته رانا ثن??ءُ الله ٻڌائي ته ن ليگ کي 3 ڪروڙ روپيا ڏيندڙ ڀون داس ڪير آهي؟ عوام 2018ع جي اليڪشن ۾ اسان کي مينڊيٽ ڏنو آهي، پنهنجو مدو پورو ڪنداسين، ن ليگ وٽ ڪيترائي هيرو آهن، ڪو ايفيڊرين اسمگلنگ ڪندو آهي، ڪو منشيات اسمگلنگ ۾ سڳ سوڌو پڪڙيو ويندو آهي. ليگي اڳواڻ ثن??ءُ الله جي پريس ڪانفرنس تي پنهنجي رد عمل ۾ اط??اعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پي ٽي آءِ واحد پارٽي آهي جنهن اليڪشنڪ ميشن کي 40 هزار ڊونرز جو مڪمل رڪارڊ فراهم ڪيو، ن ليگي سهولتڪار اڪبر ايس بابر جي فارن فنڊنگ ڪيس کي اسڪروٽني ڪميٽي ردي جي ٽوڪري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، ن ليگ ۾ ٻه گروپس کلي سامهون اچ?? چڪا آهن، هڪ ڏينهن شهباز شريف ۽ ٻي ڏينهن مريم گروپ ميڊيا تي اچي پنهنجو روئڻو روئندو آهي، انهن ماڻهن جي منهن مان ادارن جي حدن جي ڳالهه نٿي سونهي، جيڪي ادارن تي حملا آور ٿيندا رهيا آهن، هن چيو ته ن ليگ جي پارٽي اڪائونٽس ۾ شڪي ٽرانزيڪيشنز ثابت ٿ?? چڪي آهي، ن ليگ وٽ 62 ڪروڙ جو ڪو به حساب نه آهي، ن ليگ جا 9 ڳجها بئنڪ اڪائونٽس سامهون اچ?? چڪا آهن، پي ٽي آءِ اها پهرين سياسي پارٽي آهي جنهن پوليٽيڪل فنڊ ريزنگ جي روايت م??عارف ڪرائي آهي. فرخ حبيب وڌيڪ چيو ته نواز شريف پڪنڪ تي ناهي جيڪو مرضي سان اچي، عدالتي ڀڳوڙو آهي، عدالت سان ڪوڙ ڳالهائي لنڊن ۾ نواز شريف عياشي ڪري رهيو آهي، رانا ثن??ءُ الله نوڪري پڪي ڪرڻ لاءِ مريم پرويز رشيد آڊيو ليڪ تي به نڪ جي پڪائي سان دفاع ڪري رهيو آهي. ان کي شرم به محسوس نٿو ٿئي.