اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته چئلينجز جي باوجود پاڪستان حڪومت ٻارن سان لاڳاپيل پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب اها ڳالهه هن يونيسيف جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪيٿرين رسل سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير بطور ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر يونيسيف ذميواريون سنڀالڻ تي ڪيٿرين رسل کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته اسان سڄي دنيا جي ٻارن جي لاءِ يونيسيف جي اهم ڪم جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا. پاڪستان ٻارن جي حقن جي حوالي سان عالمي سطح تي هڪ اهم آواز طور سڃاتو وڃي ٿو. اسرندڙ ملڪ هجڻ جي ناطي پاڪستان کي ٻارن بابت حقن جي تحفظ جي حوالي سان ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن پر ان جي باوجود پاڪستان ٻارن بابت پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آ??ي. ??اهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ٻارن جي حقن جي تحفظ لاءِ مختلف قانوني، پاليسي ۽ اداراجاتي قدم کنيا. ٻارن جي حقن جي تحفظ کي يقيني ??ڻائڻ جي لاءِ هڪ آزاد قومي ڪميشن قائم ڪيو ويو. حڪومت اسڪولن ۾ ٻارن جي داخلا جي شرح ۾ اضافي جي لاءِ مسلسل ڪوششون ڪري رهي آ??ي. ??سان ان ڏس ۾ يونيسيف جي تعاون تي ٿورائتا آهيون. پرڏيهي وزير پاڪستان ۾ ٻارن جي حفاظتي ٽيڪن جي سهولت جي فراهمي ۾ يونيسيف جي تعاون کي ساراهيو ۽ چيو ته ڪورونا وبا جي خلاف جنگ ۾ يونيسيف جو تعاون ساراهه جوڳو آهي. پاڪستان ڪورونا وبا کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي اختيار ڪئي جنهن ۾ صحت سان گڏوگڏ سماجي ?? اقتصادي رخن کي به نظر ۾ رکيو ويو. جنگين، تشدد، ڊگهن تڪرارن ۽ غيرملڪي قبضن کان متاثر علائقن ۾ ٻار وڌيڪ غيرمحفوظ آهن. جن جي لاءِ عالمي سطح تي حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آ??ي. ??اهه محمود قريشي چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني ??ورتحال، ٻارن ۽ عورتن جي انساني ??قن جي خلاف ورزين جو تسلسل ڳڻتي جوڳو آ??ي. ??فغانستان جي استحڪام لاءِ انساني ۽ معاشي بحران جو خاتمو انتهائي ضروري آ??ي. ??سان افغان عوام کي فوري انسان?? معاونت جي فراهمي جي ڏس ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيون ٿا. جڏهن ته انساني همدردي جون ڪوششون ان وقت تائين پائيدار ثابت نه ٿينديون جيستائين افغان بئنڪنگ چينلز کي بحال ڪرڻ ۽ افغان عوام جي ٻاهرئين ملڪ اثاثن کي غيرمنجمند ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم نه ٿا کنيا وڃن.