نوشڪي – 08 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ايف سي ۽ رينجرز جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو اضافي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پوري قوم کي پنهنجي بهادر فوج تي فخر ۽ اعتماد آهي ته دهشتگرد ڪڏهن به ڪامياب نٿا ٿي سگهن، پاڪستان به پوري دنيا وانگر مهانگائي جي لپيٽ ۾ آهي، آمريڪا ?? برطانيه جهڙن ملڪن کي به گذريل 40 سالن جي دوران سڀ کان وڌيڪ مهانگائي کي کي منهن ڏيڻو پيو، مون کي احساس آهي ته اس??ن جو پگهاردار طبقو تڪليف ۾ آهي، منهنجي پوري ڪوشش آهي ته ملڪ جون معاشي حالتون اهڙيون هجن جو آمدني ۾ اضافو ٿئي ۽ اسان پگهاردار طبقي کي رليف ڏئي سگهون، بلوچستان ۾ ايتري ترقي ڪنداسين جو ان??شار پکيڙيندڙ عنصرن جي ڳالهه ڪير به نه ٻڌندو، سي پيڪ جي ٻي مرحلي ۾ صنعتي ترقي، ٽيڪنالاجي جي منتقلي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زرعي پيداوار وڌائڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو ويندو، بلوچستان اس??ن جي ترجيح هوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نوشڪي ۾ جوانن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پاڪ فوج جو سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه، بلوچست??ن جو گورنر ۽ وڏو وزير، گهرو وفاقي وزير شيخ رشيد احمد، اطلاعات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري ۽ ٻيا به موجود هئا، وزيراعظم چيو ته دهشتگردن جو ڪاميابي سان مقابلو ڪندڙ جوانن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، هن چيو ته پوري قوم پنهنجي بهادر فوج س??ن گڏ بيٺل آهي، اس??ن جي بهادر فوج جهڙي طرح دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قربانيون ڏنيون ۽ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي ڪنهن ملڪ جي فوج اهڙي طرح جي جنگ نٿي وڙهي سگهي، اس??ن جي فوج جهڙي طرح دهشتگردن کان ملڪ کي محفوظ بڻايو ??ن جو مثال نٿو ملي، پوري قوم کي پنهنجي بهادر فوج تي فخر آهي ۽ قوم کي اهو اعتماد آهي ته اس??ن جي خلاف ڪنهن به قسم جي دهشتگردي ڪامياب نٿي ٿي سگهي. وزيراعظم ان موقعي تي ايف سي ۽ رينجرز جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو اضافي جو اعلان ڪندي چيو ته پاڪستان به پوري دنيا وانگر مهانگائي جي لپيٽ ۾ آهي، آمريڪا ?? برطانيه جهڙن ملڪن کي به گذريل 40 سالن جي دوران سڀ کان وڌيڪ مهانگائي کي کي منهن ڏيڻو پيو، مون کي احساس آهي ته اس??ن جو پگهاردار طبقو تڪليف ۾ آهي، منهنجي پوري ڪوشش آهي ته ملڪ جون معاشي حالتون اهڙيون هجن جو آمدني ۾ اضافو ٿئي ۽ اسان پگهاردار طبقي کي رليف ڏئي سگهون. پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي شيون درآمد ڪيون وينديون آهن جنهن جي قيمتن ۾ بي ان??ها اضافو ٿي چڪو آهي، پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون عالمي منڊي ۾ تمام گهڻيون وڌي چڪيون آهن جنهن جا اثر هر شيءَ تي پوندا آهن، جيئن جيئن آمدني وڌندي ويندي پگهاردار طبقي جون پگهارون وڌائيداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ مختلف وڏن ڪاروباري ادارن رڪارڊ منافعو ڪمايو آهي، صرف ڪجهه ڪمپنين 950 ارب روپين جو منافعو ڪمايو آهي آئون انهن سڀني کي درخواست ڪري رهيو آهيان ته اهي ملازمن جون پگهارون به وڌائين. وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ ڪنهن حڪومت بلوچست??ن جي ترقي تي ايترو پئسو خرچ ناهي ڪيو جيترو اس??ن جي حڪومت ڪيو، چمن، ڪوئيٽا، ڪراچي شاهراهه جي تعمير جي وڏي منصوبي جو آغاز اسان ڪيو جنهن لاءِ فنڊز به مختص ڪيا ويا آهن، بلوچستان اهڙو صوبو آهي جتي فاصلا وڌيڪ ۽ آبادي گهٽ آهي، ??ن جي لاءِ پنهنجا چئلينجز آهن. وزيراعظم چيو ته هلندڙ سال رڪارڊ ٽيڪس جمع ٿيا، اس??ن جي حڪومت بلوچست??ن جي ترقي تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي، ڇو ته بلوچست??ن گلگت بلتستان ۽ اڳوڻي قبائلي ضلعا ترقي جي ڊوڙ ۾ پوئتي رهجي ويا آهن، جيئن جيئن معاشي حالتون بهتر ٿينديون ۽ آمدني ۾ اضافو ٿيندو پوئتي پيل علائقن تي خصوصي ڌيان ڏينداسين. وزيراعظم چيو ته جڏهن نوشڪي ۾ دهشتگردن جو واقعو ٿيو ته آئون چين ۾ هئس، مون فوري فيصلو ڪيو ته واپس وطن ويندي ئي نوشڪي وڃي پيغام ڏيندس ته پوري قوم پنهنجون قربانيون ڏيندڙ جوانن س??ن گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم چيو ته اسلام ۾ شهيدن جو خاص رتبو آهي، دليري سان دهشتگردن جي خلاف جنگ ڪندي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ جوان شهيد آهن، وزيراعظم چيو ته بلوچست??ن جي ترقي تي خصوصي ڌيان ڏينداسين، اسان بلوچستان ۾ ايتري ترقي ڪنداسين ته ان??شار پکيڙيندڙن ۽ عوام کي حڪومت ۽ فورسز جي خلاف ڀڙڪائيندڙن جي ڳالهه ڪير به نه ٻڌندو. وزيراعظم چيو ته دهشتگردن جي پويان اهي قوتون آهن جيڪي پاڪستان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ چاهين ٿيون، ان لاءِ ڪٿان ٻي پاسي کان فنڊنگ ڪئي پئي وڃي، اسان صوبي کي ايتري ترقي ڏيندسين جو ٻاهر ويهي دشمن ملڪ جي ان??ر ان??شار پکيڙي رهيا آهن انهن جي ڳالهه ڪير به نه ٻڌندو. وزيراعظم چيو ته سي پي جي ٻي مرحلي سان بلوچستان کي خاص طور تي فائدو ٿيندو، چيني صدر يقين ڏياريو ته سي پيڪ جي ٻي مرحلي ۾ ٽيڪنالاجي ٽرانسفر، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زرعي پيداوار وڌائڻ ۽ انڊسٽريلائيزيشن تي خصوصي ڌيان ڏنو ويندو.