اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ??هي ته پروگرام سرعام جي ٽيم سان جيڪو واقعو پيش آيو ??ن تي فوري قدم کنيا ويا، واقعي جي ٺوس جاچ ڪئي پئي وڃي، واقعي جي ذميوارن کي قانون موجب س??ا ڏني ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار مملڪتي وزير فرخ حبيب چيئرمين فيصل جاويد جي صدارت ۾ ٿيندڙ سي??يٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اج??اس ۾ ڪيو. هن چيو ??ه پيمرا جي قانونن ۾ به بهتري اچڻ گهرجي. ان موقعي تي ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد چيو ??ه سنڌ کانسواءِ پوري پاڪستان ۾ صحت ڪارڊ جاري ڪيو پيو وڃي، گذريل اج??اس ۾ سينيٽر سليم مانڊوي والا ٻڌايو هو ته سنڌ حڪومت صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ چاهي ٿي، سندس خاطري جي باوجود اڃا تائين سنڌ ۾ صحت ڪارڊ جاري ناهي ٿيو. ڪميٽي جي چيئرمين چيو ??ه اسان جا اڪثر فنڪار ڪراچي ۾ رهن ٿا، انهن لاءِ سرڪاري علاج جي ڪ?? سهولت موجود نه آهي، جيڪڏهن سنڌ حڪومت صحت ڪارڊ جاري ڪري ڇڏي ته فنڪارن کي تمام گهڻو فائدو ٿي سگهي ٿو.