اسلام آباد – 23 ف??ب??ور?? (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ ح??يب چيو آهي ته اڄ (ن) ليگ پيڪا قانون تي واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي، پيڪا قانون (ن) ليگ ئي ٺاهيو هو، پيڪا قانون ٺاهيندڙ ڪهڙي منهن سان ??ن قانون تي ڳالهه ڪري سگهن ٿا، (ن) ليگ فيڪ ني??ز، بوگس وڊيو ۽ الزام بازي جي سياست جي خالق آهي، (ن) ليگ سدائين پنهنجي چوري لڪائڻ جي لاءِ ٻين جي عزت اڇالڻ جي ماهر آهي، هاڻي جڏهن ته انهن جي پُڇ تي پير آيو ته رڙيون ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن، انهن کي ڊپ آهي ته پيڪا آرڊيننس سان ??نهن جو اهو ڪوڙ وڌيڪ نه هلي سگهندو. مملڪتي وزير فرخ ح??يب مريم اورنگزيب جي بيان ??ي پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته شهباز شريف پنهنجي ڪوڙ، چوري ۽ ڪرپشن کي بچائڻ جي لاءِ زرداري جي دروازي تي پهچي ويو آهي، عمران ??ان کي عوام 2018ع ۾ وڏو مينڊيٽ ڏئي حڪومت ۾ موڪليو، حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي، 2018ع تي جڏهن پي ٽي آءِ جي حڪومت ٺهي ته انهي ڏينهن کان ??سان ??پوزيشن جي استعيفائن، ڌرڻن ۽ عدم اعتماد جون ڳالهيون ٻڌندا پيا اچون، پي ڊي ايم کان ٻاهر ويهي ڪري فيصلن سان ??ابت ٿي چڪو آهي ته پي ڊي ايم غيرفعال ٿي چڪي آهي. هن چيو ته (ن) ليگ کي جيڪڏهن ڪنهن شيءَ جي ضرورت آهي ته اها هڪ قيادت ۽ ڀڳوڙي نواز شريف کي وطن واپس آڻڻ آهي، شهباز شريف ته ضامن هو، هاڻي ڪيڏانهن وئي اها ضمانت، نواز شريف لنڊن ۾ هشاش بشاش آهي، حڪومت بار بار شهباز شريف کيياد ڪري رهي آهي ته نواز شريف هاڻي صحتمند آهي، کيس پهرين فرصت ۾ واپس آڻي، شهباز شريف هاڻي ”ميثاق ڪرپشن“ جي لاءِ متهرڪ آهي، هو چاهي ٿو ته کيس ۽ سندس همنوائن کي ڪنهن به طرح حڪومت کان ??ين آر او ملي وڃي، عمران ??ان ??و انهن لاءِ واضح پيغام آهي ته ڪرپشن، چوري، مني لانڊرنگ ڪندڙن ۽ جعلي اڪائونٽس ٺاهيندڙن جي آخري آرامگاهه جيل آهي، هاڻي جيڪڏهن شهباز شريف ڏينهن ۾ جاڳندي خواب ڏسڻ چاهي ٿو ته اسان کيس ان کان ??وڪي نه ٿا سگهون پر سمجهائي ضرور سگهون ٿا ته هو اقتدار جا خواب ڏسڻ ڇڏي ڏي. مملڪتي وزير فرخ ح??يب چيو ته پهرين جنوري 2019ع کان هيستائين مختلف سائبر ڪرائيمز جون ڪل 2 لک 44 هزار 930 شڪايتون مليون، سوشل پليٽ فارم تان متاثرين کي ملندڙ اذيت، مصيبت ۽ مشڪلاتن جو تدارڪ ڪيئن ممڪن آهي، معاشري کي جعلي خبرن ۽ غيرلاڳاپيل سوشل ميڊيا آئٽمز جي الزامن جي خلاف انهن جي ذاتي زندگين جي لاءِ موثر قانوني تحفظ ۽ حفاظت جي سخت ضرورت هئي، بي بنياد خبرن سان ??يريقيني صورتحال پيدا ڪرڻ جو رستو بند ٿيڻ گهرجي.