اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ??يو آهي ته آصف زرداري جيتري دولت آهي کڻي اچ هڪ ڪارڪن به نه وڪامجندو، تحريڪ انصاف ۽ عم??ان خان عوام جي عدالت ۾ سرخرو ٿيندا، مخالف ڌر پيغام ڏنو آهي ته اين آر او ڏئي ڇڏيو، بي اعتمادي رٿ واپس وٺي ڇڏينداسين پر قوم فيصلو ڪري چڪي آهي ته توهان کي اين آر او نه ملندو، مينار پاڪستان تي عم??ان خان گهرايو ته سمنڊ اٿلي آيو ۽ اڄ ٻيهر پريڊ گرائونڊ ۾ قوم چئي رهي آهي ته وزيراعظم قدم وڌائي اسان توسان گڏ آهيون. پريڊ گرائونڊ اسلام آباد ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي امر بالمعروف جلسي کي خطاب ڪندي هن ??يو ته 27 مارچ تي پاڪستانين کي اسلام آباد آڻڻ ??ي دعوت جي ??من?? منهنجي قائد ڪئي ۽ اڄ ٻڌائي ڇڏيو ته قوم جاڳي چڪي آهي. 1947ع ۾ قائداعظم قوم کي جاڳايو ته پاڪستان ٺهيو، 1965ع ۾ قوم جاڳي، پشاور اي پي ايس حملي تي قوم جاڳي ۽ دهشتگردن کي شڪست ڏني ۽ اڄ قوم جاڳي آهي ته ڪجهه ضمير وڪامجن ٿا ته ڪجهه ضمير حسين جي للڪار وانگر بيهي رهن ٿا، آصف علي زرداري جيتري دولت آهي کڻي اچ هڪ ڪارڪن به وڪامجڻ جي لاءِ تيار نه آهي. هن ??يو ته پاڪستان جي قوم اڄ عوام جي ڪچهري ۾ سرخرو ٿي وئي ۽ قوم عم??ان خان کي چئي ڇڏيو ته اها ان سان گڏ بيٺل آهي، بيٺل هئي ۽ بيٺل رهندي. هتي ڪو ضمير فروش نه آهي. اڄ عم??ان جي بغض ۾ سڀ گڏ ٿي ويا. عم??ان خان جو ڳاٽ هي قوم ڪڏهن جهُڪڻ نه ڏيندي. مخدوم شاهه محمود قريشي ??يو ته اهي عم??ان خان کي پيغام ڏين ٿا ته اين آر او ڏئي ڇڏيو، هو بي اعتمادي رٿ واپس وٺي ڇڏيندا. قوم فيصلو ڪري چڪي آهي ته زرداري، نواز شريف، فضل الرحمان توهان کي اين آر او نه ملندو. پرڏيهي وزير ??يو ته وزيراعظم عم??ان خان ??يو هو ته سائي پاسپورٽ جي عزت ڪرائيندس. هن ??يو ته اسلامو فوبيا ۽ گستاخي ڪندڙن جي خلاف قرارداد منظور ٿي آهي ۽ اهو اعزاز به پاڪستان ۽ توهان جي وزيراعظم جي حق ۾ وڃي ٿو. مخدوم شاهه محمود قريشي ??يو ته منهنجي سيني ۾ تمام گهڻا راز آهن، چاڪ ڪري ڇڏيان ته هي منهن ڏيکارڻ جي قابل نه رهن پر آئون هڪ حلف جو پابند آهيان. وفاقي وزير ??يو ته مون پنهنجي ڪپتان کي آگاهه ڪري ڇڏيو ته منصوبابندي ڪهڙي آهي ۽ ڪٿان ٿي رهي آهي، اها امانت مون توهان کي ڏئي ڇڏي آهي، قوم جڏهن ڪنڌ کڻي جيئڻ جو عزم ڪري ٿي ته مشڪلاتون اينديون آهن. هن شرڪت ڪندڙن کان وچن ورتو ته توهان عم??ان جو ساٿ ڏيندا ۽ گهٻرائيندا نه. هن ??يو ته منهنجي ڪپتان 30 آڪٽوبر 2011ع تي مينار پاڪستان گهرايو هو ۽ قوم آئي ۽ اڄ ٻيهر 27 مارچ تي پاڪستاني قوم اهو پيغام کڻي آئي آهي ته قدم وڌائي عم??ان اسان توسان گڏ آهيون. هن ??يو ته قوم چئي رهي آهي ته اسان کي کپي پراڻو خان ۽ نئون پاڪستان. ضمير فروشن کي قوم ڪڏهن معاف نه ڪندي.