اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي پنجاب جي نئين چونڊيل وڏي وزير ميان محمد ح??زه شهباز شريف کان سندس عهدي جو حلف ورتو، ??لف برداري تقريب گورنر ??ائ??س لاهور ۾ منعقد ٿي، حلف برداري تقريب ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي م??مب??ن جو وڏو تعداد موجود هو، ??قريب کانپوءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف مزار اقبال تي حاضري ڏني ۽ گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي، واپسي کان اڳ راجا پرويز اشرف حضرت داتا گنج بخش رحمته عليه جي درٻار تي حاضري ڏني ، فاتحه خواني ڪئي ۽ ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعا گهري اُن کان اڳ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر راجا پرويز اشرف پنجاب جي نئين چونڊيل وڏي وزير ميان محمد ح??زه شهباز شريف کان حلف وٺڻ لاءِ لاهور پهتو، قومي اسيمبلي سيڪريٽري موجب لاهور ايئرپورٽ تي صوبائي انتظاميه پ??را?? سندس والهاڻو استقبال ڪيو ويو