اسلام آباد – 01 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف قومي پاليسين ۾ عوامي شموليت جي لاءِ ان??ويشن حب جو افتتاح ڪندي چيو ??هي ته نوجوانن کان جديد آئيڊياز حاصل ڪرڻ لاءِ سمورين وزارتن ۽ ادارن ۾ هڪ سيل قائم ڪنداسين، جنهن ۾ هوشيار ۽ باصلاحيت نوجوانن کي شامل ڪيو ويندو، جيڪي جديد آئيڊياز ڏيندا ۽ ان??ن کي قومي پاليسي سازي ۾ شامل ڪنداسين. وزيراعظم شهباز شريف بٽڻ دٻائي ان??ويشن حب جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف شريڪ ٿيندڙن جي آجيان ڪندي چيو ??ه هي هڪ ان??لابي پروگرام آهي، اسان جي معاشري ۾ پاليسي سازي ۾ ماهرن جي ڪردار جي کوٽ آهي، ان پروگرام جو مقصد پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ هوشيار ۽ قابل پاڪستانين کي پاليسي سازي جو لازمي حصو بڻائڻو آهي، جنهن سان جديد خيالن کي پاليسي سازي ۾ شامل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ??ه جديد علم، تحقيق ۽ تجربن جي اڄ جي دور ۾ تمام گهڻي قدر آهي، ان خلا کي پُر ڪرڻ جي لاءِ اهو پروگرام شروع ڪيو ويو ??هي. وزيراعظم چيو ??ه هو ذاتي طور تي ان پروگرام کي اجاگر ڪندو ۽ قوم جي هوشيار نوجوانن جي حوصلا ??فز??ئي ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ??ه جيڪڏهن ان پروگرام ۾ بزرگ شهرين پاران ٺوس تجويزون ۽ آئيڊيا ايندا ته ان جي آجيان ڪنداسين ۽ ان??ن تي عملدرآمد ڪيو ويندو. هن چيو ??ه اسان جي ڪوشش آهي ته پاڪستان هر لحاظ سان ترقي ڪري ۽ جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ ٿئي. دنيا تحقيق ۽ جديد تعليم ۾ آسمانن جون بلنديون ڇُهي رهيون آهن، اتي تحقيقي مقالا لکيا ويندا آهن ۽ ان??ن کي بحث هيٺ آڻي آئيڊياز مان فائدو ورتو ويندو آهي. ان موقعي تي وزيراعظم اسٽريٽجڪ ريفارمز جي سربراهه سلمان صوفي ٻڌايو ??ه وزيراعظم جي پبلڪ پاليسي جا قدم جيڪي عوام جي سڌوسنئون فائدي بابت آهن، ان ۾ عوام جي سڌوسنئون شموليت سان ان??ن جا مسئلا حل ٿيندا، ان??ي سلسلي ۾ وزيراعظم جي حڪمن تي ان??ويشن حب جو آغاز ڪيو پيو وڃي. اسان عوام کي پبلڪ پاليسي ۾ شريڪ ڪري رهيا آهيون. ان ان??ويشن حب جي ذريعي عوام پاران ايندڙ مختلف آئيڊياز کي شامل ڪيو ويندو ۽ چونڊيل آئيڊيا ڏيندڙن کي 15 آگسٽ کان پي ٽي وي تي شروع ٿيندڙ پروگرام ۾ گهرايو ويندو ۽ اهي پنهنجا آئيڊياز قوم آڏو رکندا جن مان چونڊيل آئيڊياز قومي پاليسي جو حصو بڻجندا، جڏهن ته اهي آئيڊيا وزيراعظم کي پيش ڪيا ويندا ۽ هو ان تي انعام ڏيندو. هن ٻڌايو ??ه عوام پاران ايندڙ مختلف را??ِ کي غور هيٺ آڻڻ جي لاءِ پروفيسر فيصل باري، مشرف زيدي، شاهه رخ خليل، عائشه رضا فاروق ۽ شزه تي ٻڌل ڪميٽي ٺاهي وئي آهي. وزيراعظم اسٽريٽجڪ ريفارمز يونٽ ان تي عملدرآمد ڪندو، ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن به پنهنجي را??ِ ڏني. واضح رهي ته ان??ويشن حب جو قيام ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو قومي پاليسين ۾ عوامي شموليت جي لاءِ عمل ۾ آندو ويو ??هي. وزيراعظم جي پاليسي ٺاهڻ جي عمل ۾ سڀني ڌرين جي را??ِ کي اهميت ملندي. باصلاحيت نوجوان افرادي قوت جي ڪردار کي اهميت ڏيڻ جي لاءِ حب جو قيام عمل ۾ آندو ويو ??هي، ان??ويشن حب جو قيام پاليسي سازي ۽ ملڪي ۽ عوامي ضرورتن کي هم آهنگ بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.