انقره – 31 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ترڪيءَ پهچي ويو. انقره ايئرپورٽ پهچڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سندس وفد جو ترڪ دفاع واري وزير ۽ اعليٰ عملدارن شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، سي??پڪاري بورڊ وارو وزير چوڌري سالڪ حسين، خاص معاون طارق فاطمي ۽ فهد حسين پڻ وزيراعظم ??ان گڏ آهن. وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم ??هباز شريف جو ترڪيءَ جو هي پهريون دورو آهي. پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پڻ ترڪيءَ پهچندو. دوري (31 مئي کان 2 جون 2022ع) دوران وزيراعظم ??هباز شريف جي صدر رجب طيب اردوان سان نويڪلائي (ون آن ون) ملاقات ٿيندي جنهن کانپوءِ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو وٺڻ کانسواءِ ٻئي اڳواڻ عل??ئق??ئي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. ٻئي اڳواڻ اجلاس کانپوءِ صحافين کي گڏيل خطاب پڻ ڪندا. صدر اردوان وزيراعظم ??ي مان ۾ آجياڻو پڻ ڏيندو. هلندڙ سال پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75 هين سالگرهه پڻ ملهائي پئي وڃي. دوري دوران صدر اردوان ۽ وزيراعظم ??هباز شريف گڏيل طور تي يادگاري نشان پڻ جاري ڪندا جيڪو ترڪيءَ پاڪستان جي وچ ۾ غيرمعمولي ٻطرفن لاڳاپن جي ڊگهي تاريخ ۾ ان اهم سنگ ميل جي مناسبت سان تيار ڪيو ويو آهي. ترڪيءَ جا پر??يهي معاملا، واپار ۽ صحت وارا وزير پڻ دوري دوران وزيراعظم ??ان ملاقات ڪندا. وزيراعظم ??رڪيءَ جي ناليوارن ڪاروباري شخصيتن ۽ مختلف شعبن ۾ سي??پڪاري ۾ دلچسپي رکندڙ شخصيتن سان پڻ تفصيلي ملاقات ڪندا. ترڪيءَ جي ڪاروباري برادري جي نمائنده تنظيم يونين آف چيمبرز ڪميوڊيٽي ايڪسچينج (ٽي او بي بي) جو صدر وزيراعظم ??ي مان ۾ آجياڻو ڏيندو. وزيراعظم پاڪستان ترڪيءَ بزنس ڪائونسل فورم ۾ پڻ شرڪت ڪندو جنهن جو اهتمام ترڪ پر??يهي معاشي لاڳاپا بورڊ (ڊي اي آئي ڪي) جي حصيداري سان ڪيو ويو آهي. وزيراعظم ??نهن تقريبن دوران پاڪستان ۾ سي??پڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪندو ۽ پاڪستان ۾ سي??پڪاري جي لاءِ ترڪ ڪمپنين جي حوصلا افزائي ڪندو ته جيئن پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪيو وڃي. ناليواريون پاڪستاني ڪاروباري شخصيتون انهن تقريبن ۾ شرڪت ڪنديون. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري ماڻهن جي وچ ۾ (بي ٽو بي) ملاقاتون پڻ منعقد ٿينديون.