ڪوئيٽا – 03 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شر??ف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو آهي، بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن ايئرپورٽ تي وزيراعظم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم ڪوئيٽا ۾ ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج جي پاسنگ آئوٽ تقريب ۾ خصوصي مهمان طور شر??ڪ ٿيندو. وزيراعظم شهباز شر??ف اڄ جمعي تي گوادر جو به دورو ڪندو، وزيراعظم گ??ادر پورٽ جو فضائي دورو ڪندو ۽ ايسٽ بي ايڪسپريس وي (EBE) جو افتتاح ڪندو. ان موقعي تي وزيراعظم مقامي چڱن مڙسن ۽ ماهي گيرن کي خطا?? ڪندو، ان کانپوءِ وزيراعظم چيني ڪمپنين جي وفد سان ملاقات ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندو.