اسلام آباد – 06 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊيشنل ججز جي مقر??ي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ايڊووڪيٽ اقب??ل احمد ڪاسي ۽ ايڊووڪيٽ شوڪت علي رخشاني کي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جا ايڊيشنل ججز مقرر ڪيو ويو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايڊووڪيٽ گل حسن ترين، محمد عام?? نواز رانا ۽ سردار احمد عليمي کي به بطور ايڊيشنل جج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. صدر ??قر??ي جي منظو??ي جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جي سفارشن جي روشني ۾ وزيراعظم جي ايڊوائيس تي ڏني آهي. صدر عارف علوي مقررين جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 175 اي تحت ڏني آهي.