اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ممنوعه فن??نگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي عمران خ??ن جي ڏوهن جي تصديق قرار ڏيندي چيو آهي ته چور، ڪوڙو ۽ مني لانڊر آخرڪار 8 سالن کانپوءِ پڪڙيو ويو، عمران خ??ن عالمي مني لانڊر ثابت ٿي چڪو آهي، هو صادق ۽ امين نه آهي، پارٽي چيئرمين جي عهدي تان فوري طور تي استعيفيٰ ڏي، عمران خ??ن پاڪستان جي خلاف غيرملڪي سازشي منصوبو هو ۽ آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خ??ن ڪوڙو ۽ جعلساز آهي، ان تي اليڪشن ڪميشن مهر لڳائي ڇڏي آهي، عمران خ??ن اسرائيل، ڀارت، آمريڪا، ڪئناڊا سميت ڪيترن ئي ملڪن کان ممنوعه فن??نگ ورتي. هن چيو ته عمران خ??ن غيرقانوني فن??نگ سان پاڪستان ۾ فتنو برپا ڪيو. عمران خ??ن ڄاڻي واڻي 351 غيرملڪي ڪمپنين ۽ 34 غيرملڪين کان فن??نگ ورتي ۽ جعلي ۽ ڪوڙو حلفيه بيان جمع ڪرايو. هن چيو ته 13 غيرقانوني بئنڪ اڪائونٽس عمران خ??ن پاڻ هلائيندو رهيو ۽ انهن کي اليڪشن ڪميشن کان لڪائيندو رهيو. عالمي فراڊين خيرات جي نالي تي پئسا گڏ ڪيا ۽ جعلسازي ڪئي. عمران خ??ن ڄاڻي واڻي پنهنجي 4 ملازمن طاهر اقبال، محمد نعمان افضل، محمد ارشد ۽ محمد رفيق جي نالي تي پئسا گهرايا. هن چيو ته چور ۽ مني لانڊر وڪيل بدلايا، اليڪشن ڪميشن کان ڀڳو ۽ ڪيترائي ڀيرا ڪيس روڪڻ جي لاءِ پٽيشنز داخل ڪيون. هن چيو ته عمران خ??ن عالمي مني لانڊر ثابت ٿي چڪو آهي. وفاقي حڪومت قانون موجب اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي عملدرآمد ڪندي. هن چيو ته عمران خ??ن ان چوري جي ڪري اليڪشن ڪميشن تي حملا ڪري رهيو آهي.