نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري نيويارڪ ۾ پاڪستان جي مستقل مشن ۾ نوجوان پرڏيهي وزيرن جي اجلاس جي ميزباني ڪئي. ڪئناڊا، جمهوريه چيڪ، هنگري، آئس لينڊ، ليٿوانيا، ليڪٽن اسٽائن، پاناما، قطر ۽ سربيا جي پرڏيهي وزيرن اجلاس ۾ شرڪت ڪ??ي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير انسانيت کي درپيش موجود ۽ مستقبل جي چئلينجن تي روشني وڌي. هن سڀني جي ل??ءِ سلامتي، امن ۽ هم آهنگي جي ضمانت رکندڙ مستقبل جي عالمي نظام جي جوڙجڪ جي ل??ءِ ڇهه نقاطي ايجنڊا جو خاڪو پيش ڪيو. اهو موسمياتي تبديلي، فني ۽ سائنسي ترقين، ماحول دوست نوڪرين، جديد سپلائي چينز، بحرانن ۽ هنگامي حالتن کان متاثر عالمي معيشت، پرامن گڏيل بقاءَ ۽ تڪرارن جو حل، مستقبل ۾ ممڪن وبائي مرضن ۽ مضبوط گهڻ رخي تعاون جي ضرورت جهڙن چئلينجن جو احاطو ڪندو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي نوجوانن بابت خصوصي ايلچي پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪ??ي ۽ نوجوانن جي پنهنجي مستقبل جي جوڙجڪ جي عمل ۾ ڀرپور شرڪت بابت سيڪريٽري جنرل جي خيالن کي اجاگر ڪيو. پرڏيهي وزيرن متفق ۽ پرزور طريقي سان پرڏيهي وزير جي قدم جي آجيان ڪئي ۽ انهن مسئلن جو خاڪو پيش ڪيو جن کي هو دنيا جي قومن جي مستقبل جي ل??ءِ اهم سمجهي ٿو. هن موجوده چئلينجز بشمول سياسي، سيڪيورٽي، اقصادي، انساني حقن ۽ ماحوليات ۽ گڏيل اعتماد ۾ کوٽ، انساني رابطن، نوجوانن کي درپيش مسئلن ۽ عالمي تعاون ۾ کوٽ جو ذڪر ڪيو. شرڪت ڪندڙن ۾ عام اتفاق هو ته هي نئون پليٽ فارم هڪ شاندار قدم آهي جنهن جي آجيان ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي وزير آخر ۾ ميٽنگ دوران ظاهر ڪيل قيمتي خيالن کي نوٽ ڪيو جيڪي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران تجويز ڪيل ”مستقبل جي معاهدي“ جي جوڙجڪ ۾ غور فڪر جي ل??ءِ معلومات فراهم ڪندا. بحث جو خلاصو سمورن شريڪ وزيرن کي موڪليو ويندو ?? بعد ۾ گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن ۽ ٻين ??رين سان شيئر ڪيو ويندو.