گڏيل قومون – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير م??يم اورنگزيب چيو آهي ته گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديليون سڄي دنيا جو گڏيل مسئلو آهن، پاڪستان ۾ هن وقت ٻوڏ سبب هيلٿ ڊيزاسٽر آهي، سرديءَ اچڻ واري آهي، ٻوڏ متاثرين کي دوائون، ڪمبل، گرم ڪپڙا ۽ چادرن وغيره جي سخت ضرورت آهي، جيڪي ماڻهو ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪرڻ چاهين ٿا اهي پنهنجي مرضي سان ??اڻ اين ڊي ايم اي ۽ سول سوسائٽين جي ذريعي به مدد ڪري سگهن ٿا. گڏيل قومن جي سيڪريٽريٽ لابي ۾اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي اهتمام هيٺ ”پاڪستان ۾ ٻوڏ، موسمياتي تبديلي“ جي موضوع تي ٿيندڙ تصويري نمائش جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير م??يم اورنگزيب چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڪيتريون ئي عورتون اميد سان آهن، هن وقت اتي ٻارن جي کير، ٻارن جي خوراڪ سميت ٻين شين جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته وز??را??ظم سنڌ ۽ بلوچستان ۾ خيمن جي ورڇ جي حوالي سان ??دايتون جاري ڪيون هيون. انهن علائقن ۾ متاثرين جي ضرورت موجب خيما ورهايا پيا وڃن. هن چيو ته اين ڊي ايم اي روزاني جي بنياد تي عوام کي پنهنجي ڊيٽا فراهم ڪري ٿي ۽ عوام کي آگاهه ڪيو ويندو آهي ته ڪنهن جڳهه تي ڪهڙي شيءَ جي ضرورت آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ٻوڏ متاثرين جي لاءِ سڀئي ڪوششون استعمال ۾ آنديون پيون وڃن. گذريل ڏينهن وز??را??ظم ٻوڏ متاثرين جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ خبر پئي ته پيناڊول ۽ پ??را??يٽامول جي گه??تائي آهي. هن چيو ته ٻوڏ جي ڪري پکڙجندڙ بيمارين ۽ ڊينگي جي ڪري پيناڊول ۽ پ??را??يٽامول جي کپت ۾ اضافو ٿيو آهي. انهن دوائن جي ڊيمانڊ وڌيڪ ۽ پيداوار گه?? آهي. جڏهن ته پيداواري لاڳت وڌيڪ آهي. هن چيو ته وز??را??ظم واضح طور تي هدايت ڪئي آهي ته انهن دوائن جي قيمتن ۾ اضافو نه ڪيو وڃي. وز??را??ظم ناڻي واري وزارت کي انهن دوائن تي سبسڊي ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جيڪي اين جي اوز بند آهن انهن جي اسڪريننگ جو پراسيس گهرو وزارت شروع ڪري ڇڏيو آهي. ٻوڏ متاثر علائقن ۾ هن وقت اين جي اوز ۽ سول سوسائٽي تمام سٺو ڪم ڪري رهيا آهن. جنهن کي وز??را??ظم به ساراهيو آهي. جڏهن ته عوامي سطح تي به انهن کي ساراهيو پيو وڃي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ سول سوسائٽي جو هڪ ڪردار آهي، جڏهن حڪومتي ڪوششن ۾ اهو ڪردار شامل ٿئي ٿو ته ڪنهن به ڊيزاسٽر کي منهن ڏئي سگهجي ٿو. م??يم اورنگزيب چيو ته حڪومت جو هن وقت ڌيان ??وڏ متاثر علائقن جي بحالي تي آهي. گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلين جي حوالي سان ??ز??را??ظم عالمي سطح تي آواز اٿاريو آهي، جيڪو سڄي دنيا جو گڏيل مسئلو آهي.