اسلام آباد -03 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي صحت واري وزارت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي، ته صحت واري وزارت ٻوڏ متاثرن کي طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي. وزارت طرفان جار?? بيان ۾ هن چيو ته بارڊر هيلٿ سروسز آف پاڪستان جي ٽيم کي ٻوڏ متاثرن جي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ خراج تحسين پيش ڪيان ٿو. عبدالقادر پٽيل چيو ته صحت واري وزارت جي ماتحت ادارن ڊائريڪٽو??يت آف هيلٿ اسٽيبلشمينٽ بارڊر هيلٿ سروسز آف پاڪستان سيوهڻ جي بوڏ متاثر ڳو?? ٽلٽي ۾ متاثرن جي لاءِ ??يڊيڪل ڪيمپ قائم ڪئي. سيوهڻ جي سڄي ڳو?? ۾ ڊينگي جي روڪٿام لاءِ اسپري پڻ ڪرايو ويو. هن چيو ته ميڊيڪل ڪيمپن ۾ ڊينگي ۽ مليريا جا تقريبن 1500 کان وڌيڪ مريضن جي اسڪريننگ ۽ مفت دوائون فراهم ڪيون ويون.