اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اينڪر پرسن شفا يو??فز??ي جي گهر هٿيارب??د ماڻهن جي زبردستي داخل ٿيڻ ۽ ملازمن تي تشدد جو سخت نوٽيس وٺندي آءِ جي اسلام آباد کان رپورٽ طلب ڪري ور??ي. ??زيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته واقعي جي شديد مذمت ڪريون ٿا، عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ اولين ذميواري آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته جوابدارن جو سراغ لڳائي قانون موجب سخت سزا ڏني وڃي. وزيراعظم اينڪر پرسن شفا يو??فز??ي ۽ س??دس والدين سان يڪجهتي جو اظهار پڻ ڪيو.