اسلام آباد – 30 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف سان ماسڪو ۾ ملاقات ??ئي ۽ بامقصد ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ڌرين ڳالهه ٻولهه ۾ تعليم، معيشت، توانائي ۽ رابطن سميت مختلف شعبن ۾ پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ قدمن تي اتفاق ڪيو. افغانستان جي صورتحال ۽ ا??س سي او ۾ تعاون سميت علا??قا??ي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.