اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان تي موسمياتي تبديلين جي اثر، پاڻي، توانائي ۽ غذائي تحفظ جهڙن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فصل جي وڌ کان وڌ پيداوار ۽ سوڪهڙي جي سٽ سهڻ جي سگهه رکندڙ فصلن جي قسم جي ??حق??ق ج?? سلسلي ۾ انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي (آءِ اي اي اي) سان وڌ کان وڌ تعاون جي ضر??رت آهي، آءِ اي اي اي جي ڊائريڪٽر جنرل ماحولياتي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جوهري ٽيڪنالاجي جي استعمال کي وڌائڻ جي ضر??رت تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل ماريانو گروسي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم ڊائريڪٽر جنرل جي آجيان ڪندي آءِ اي اي اي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ صحت، زراعت، صنعت، جوهري دوائن ۽ بجلي جي پيداوار جي شعبن ۾ جاري تعاون کي ساراهيو. وزيراعظم ايجنسي جي مختلف منصوبن ۽ پروگرامن جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪندي ايجنسي جي ڪم ۾ مهارت ۽ فني معاونت کي وصول ڪرڻ ۽ فراهم ڪندڙ طور پنهنجي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ڊائريڪٽر جنرل گروسي کي پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن (پي اي اي سي) جي اهتمام هيٺ 19 ڪينسر اسپتالن جي اهم ڪردار بابت بريفنگ ڏني، جيڪي پاڪستان ۾ ڪينسر جي علاج ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيون آهن ۽ عام ماڻهو کي سستي علاج جي فراهمي يقيني بڻائي رهيون آهن. ڊائريڪٽر جنرل مختلف شعبن ۾ نيوڪليئر ايپليڪيشن ۾ پاڪستان جي مهارت جو اعتراف ڪندي چيو ته پاڪستان ايجنسي جي ڪم ۾ معاونت جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، جنهن ۾ ڪينسر جي علاج جي لاءِ ”اميد جو ڪ??ڻو“ جا قدم به شامل آهن. وزيراعظم پاڪستان تي موسمياتي تبديلين جي اثرن، پاڻي، توانائي ۽ غذائي تحفظ جهڙن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فصلن جي وڌيڪ پيداوار ۽ سوڪهڙي جي خلاف مزاحمت ڪندڙ فصلن جي قسم تي ??حق??ق ج?? سلسلي ۾ انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي (آءِ اي اي اي) سان وڌ کان وڌ تعاون جي ضر??رت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان انرجي مڪس ۾ جوهري توانائي جو ڪ??دار سستي ۽ صاف توانائي جو آهي. آءِ اي اي اي جي ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان جهڙن ملڪن ۾ جوهري ٽيڪنالاجي جي استعمال کي وڌائڻ جي ضر??رت تي اتفاق ڪيو ته جيئن ماحولياتي مسئلن بابت سڀني چئلينجن کي منهن ڏئي سگهجي. هن پاڪستان ۾ زرعي ??حق??قي ادارن بشمول اين آئي اي بي جيڪا آءِ اي اي اي جي تعاون ڪرڻ وارن مرڪزن مان هڪ آهي کي ساراهيو. واضح رهي ته آءِ اي اي اي جو ڊائريڪٽر جنرل ٻن ڏينهن جي دوري تي آهي. هو پاڪستان ۾ پنهنجي قيام دوران مختلف جوهري سهولتن جو جائزو وٺڻ سان گڏوگڏ ڪينسر جي علاج جي مرڪزن ۽ زرعي ??حق??قي ادارن جو دورو ڪندو، جيڪي پائيدار ترقي جي لاءِ جوهري ٽيڪنالاجي کان ڪم وٺي رهيا آهن، ان جي هن دوري سان ان جي پاڪستان پاران جوهري تحفظ ۽ سلامتي جي بهترين معيارن جو مشاهدو ڪ??ڻ جو موقعو به ملندو.