اسلام آباد-17 مارچ (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر ??رف??ن صديقي چيو آهي ته سينيٽ طرفان آ??ين جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي اجلاس منعقد ڪرڻ انتهائي خوش آئنده آهي، اڄ درپيش معاشي بدحالي ۽ سياسي ڏڦيڙ جو سبب هي آهي ته جمهوري?? جو سفر اڳتي وڌڻ نه ڏنو ويو، آ??ين تي ڌاڙو هڻن ۽ ان سان کيڏڻ جي اجازت ڏيندڙن جا نالا سامهون اچڻ گهرجن. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي هن چيو ته سينيٽ طرفان آ??ين جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي اجلاس منعقد ڪرڻ انتهائي خوش آئنده آهي، سينيٽ هائوس آف فيڊريشن ۽ وفاق جو گهر آهي، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا پوري قوم کي سينيٽ جي ڪردار کان آگاهه ڪرڻ لاءِ بهترين ڪردار ادا ڪيو آهي، هن چيو ته اجلاس جي پڄاڻي تي سينيٽ ۾ هڪ قرارداد جي منظوري ڏني وئي. مون هن ??رارداد ۾ ترميم ڪرڻ لاءِ سينيٽ سيڪريٽري کي پنهنجي ترميم جمع ڪرائي، هن ??نهنجي تجويز ڪيل ترميم ميڊيا جي نمائندن کي پڙهي ٻڌائي جنهن ۾ چيو ويو هو ته هي ايوان سمورن فوجي آمراڻي دورن جي مذمت ڪري ٿو جنهن ??ل?? جو آ??ين ٽوڙيو ۽ ان کي معطل ڪيو ۽ اهڙي طرح پاڪستان جي عوام جي بنيادي حقن تي ڌاڙو هنيو جڏهن ته پنهنجي حلف کان منهن ??وڙيندي آمرن جي غير آئيني قدمن جي توثيق ڪندڙن جي به مذمت ڪريان ٿو. هن چيو ته هي ڄاڻايل ترميم صرف منهنجي خيالن نه پر پراڻي ۽ موجوده سينيٽرن جي گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو تعداد آ??ين کي ٽوڙيندڙ ۽ ملڪ جي تقدير سان کيڏيندڙن خلاف ڳالهه ڪئي. هن چيو ته اڄ اسان جنهن ??عاشي بدحالي ۽ سياسي ڏڦيڙ تا??ين پهتا آهيون هي سڄو ڪجهه ان سبب ٿي رهيو آهي ته جمهوري?? جو سفر اڳتي نه وڌڻ ڏنو ويو. سينيٽر ??رف??ن صديقي چيو ته سينيٽ کي 50 سال مڪمل ٿي ويا، انهن 50 سالن ۾ ضياءُ الحق جي دور ۾ سينيٽ ۾ رنڊڪ به آئي، ڪيترن ئي ميمبرن چيو ته جنهن آ??ين سازي ڪئي ۽ آ??ين جي تحفظ لاءِ ڪردار ادا ڪيو، انهن جي ساراهه ڪرڻ گهرجي ۽ جن ماڻهن آ??ين کي ٽوڙيو انهن جي مذمت ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته مون کي افسوس آهي ته سينيٽ جي متفقه قرارداد ۾ منهنجي ترميم شامل نه ڪئي وئي ۽ ان قراداد ۾ ڪيترن ئي ميمبرن جي احساسن ۽ جذبن جي پوري طرح ترجماني ناهي ٿي.