اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪر??چي ۾ 2 فيڪٽرين ۾ باهه وسائيندي شهيد ٿيندڙ 4 فائر فائٽرز کي خراج عقيدت پيش ڪندي باهه لڳڻ جي واقعن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عم??ي تيار ڪرڻ جي هدا??ت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف باهه وسائيندڙ عم??ي جي شهيد جوانن جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ زخمين سان همدردي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ??ه خلقِ خدا جي جان بچائيندي شهيد ٿيندڙ فائر فائٽرز جي بهادري ۽ خدمت جو جذبو ساراهه جوڳو آهي. وزيراعظم سنڌ حڪومت کي شهيد فائر فائٽرز جي گهرڀاتين جي مالي مدد ۽ ٻارن جي تعليم ۽ ڪفالت جي لاءِ قدم کڻڻ جي هدا??ت ڪئي. وزيراعظم زخمين کي علاج جي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي پڻ هدا??ت ڪئي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.