اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي انشورنس م??تسب جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي انشورنس م??املن ?? انصاف جي فراهمي لاءِ اداري جي ڪردار بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر کي وفاقي انشورنس م??تسب جي سالياني رپورٽ سال 2022ع ايوان صدر ۾ پيش ڪئي وئي. وفاقي انشورنس م??تسب ڊاڪٽر محمد خاور جميل رپورٽ پيش ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته عوام کي انشورنس م??املن ?? انهن کي درن تي انصاف جي فراهمي تيز ڪرڻي پوندي. هن چيو ته عوام انشورنس پاليسين بابت شڪايتن جي حل لاءِ وفاقي انشورنس م??تسب سان رجوع ڪري ۽ انشورنس م??املن ?? انصاف جي فراهمي ۾ اداري جي ڪردار بابت آگاهي پيدا ڪئي وڃي. صدر وفاقي انشورنس م??تسب جي سال 2022ع جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وفاقي انشورنس م??تسب سال 2022ع جي رپورٽ ۾ چيو آهي ته 4634 شڪايتن جو ازالو ڪيو ويو جڏهن ته سال دوران انشورنس پاليسي هولڊرز کي 2.5 ارب رپين جو ريليف فراهم ڪيو ويو. رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته وفاقي انشورنس م??تسب 95 سيڪڙو انشورنس ڪيسز جو ازالو 60 ڏينهن جي اندر ڪيو. رپورٽ ۾ چيو ويو ته ماڻهن کي انهن جي درن تي انصاف جي فراهمي لاءِ انشورنس م??تسب سکر ۽ حيدرآباد ۾ نيون آفيسون کوليون آهن.