اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته نئين مالي سال دوران صنعتڪاري کي هٿي ڏني ويندي. زراعت تي خاص ڌيان ڏنو ويندو، روان??ي واپار ۾ آءِ ٽي جو شعبو اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، محصولن لاءِ نوان ذريعا ۽ وسيلا تلاش ڪيا ويندا. قومي اقتصادي سروي مالي سال 23-2022ع جي جاري ڪرڻ جي موقعي تي وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال ۽ ناڻي بابت مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چ??و ته گذريل هڪ سال ۾ عالمي سطح تي تي جي ڊي پي جي شرح ۾ 50 س??ڪڙ?? گهٽتائي آهي، اهڙيءَ طرح عالمي سطح تي مهانگائيءَ جي شرح ۾ 51 س??ڪڙ?? اضافو ٿي?? آهي. عالمي واپار ۾ تقريبن 5 س??ڪڙ?? گهٽتائي ٿي جنهن جي اثرن کان پاڪستان به متاثر ٿي?? آهي. جاري مالي سال ۾ زراعت ۽ خدمتن جي شعبي ۾ بهتري آئي آهي. ناڻي واري وزير چ??و ته نئين مالي سال دوران صنعتڪاري کي هٿي ڏني ويندي. زراعت تي خاص ڌيان ڏنو ويندو. روان??ي واپار ۾ آءِ ٽي جو شعبو اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته ان شعبي ۾ روان??ي واپار کي 4 ارب ڊالرن جي سطح تائين وٺي وڃون. محصولن جا نَوان ذريعا ۽ وسيلا ڳوليا ويندا. انهن قدمن سان انشاءَ الله 3.5 س??ڪڙ?? جي ڊي پي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي??داسين.