اسلام آباد – 04 –جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان اولهندي ڪناري جي والاريل فلسطيني علائقي جنين ۾ اسرائيلي قابض فوج پاران ڪيل ڇاپن ۽ فضائي حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ 10 فلسطيني شهيد ۽ 50 زخمي ٿيا. پرڏيهي آفيس جي ت??جمان پاران جاري ??يا?? ۾ چيو ويو آهي ته قابض طاقت پاران فلسطيني عوام جي خلاف تشدد جون اهي ت??زيون ڪارروايون فوري طور تي ختم ٿيڻ گهرجن. پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته اها اسرائيلي قابض فوج جي انهن ظالماڻن ۽ غيرقانوني قدمن کي روڪرائڻ ۽ فلسطيني عوام جي انساني حقن جي ت??فظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي ذميواري ادا ڪري. ??يا?? موجب پاڪستان فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق سميت انهن جي حقن ۽ آزادين جي مڪمل حاصل ڪرڻ جيل اءِ انهن جي جائز جدوجهد جي لاءِ پنهنجي مضبوط حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو. ??يا?? ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسان گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب 1967ع کان اڳ جي سرحدن ۽ القدس الشريف کي ان جي گادي واري شهر طور هڪ قابل عمل، خودمختيار ۽ متصل فلسطيني رياست جي لاءِ پنهنجي مطالبي جي ت??ديد ڪري ٿو.