اسلام آباد- 14 جون (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان چيو آهي ته سامونڊي طوفان سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پوري طرح تيار آهيون، ايل اين جي جي سپلائي ۾ خلل آيو آهي، پاور پلانٽ?? کي گئس جي فراهمي جو متبادل انتظام ڪيو ويو آهي، بجلي جي بحالي لاءِ ٻين ڪمپنين کان به ٽيمون حيسڪو جي علائقن ۾ موڪليون پيون وڃن، اسان جي ڪوشش آهي ته گرمي جي موسم ۾ لوڊشيڊنگ گ??ٽ کان گهٽ ٿئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرن?? کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سامونڊي طوفان بائپر جوائي کان اڃان تائين بجلي جي پهچ ۾ ڪو خلل ناهي آيو، ٺٽو، بدين ۽ ٻين علائقن ۾ تيز هوائن جو سلسلو آهي جيڪڏهن فلائيٽ ملي ??ئي ته اڄ شام جو آئون پاڻ سنڌ روانو ٿيندس. خرم دستگير چيو ته پاور ڊويزن جي سيڪريٽري سان گڏ ٻين ٽن سينئر آفيسرن کي سنڌ موڪليو پيو وڃي، طوفان سبب متاثر علائقا حيسڪو جي علائقي ۾ آهن، طوفان کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻين ڪمپنين کان ٽيمون موڪلي رهيا آهيون. هن چيو ته لاهور، گجرانوالا، فيصل آباد، ملتان ۽ سکر کان ٽيمون پهچنديون. 2 هزار ماڻهن تي ٻڌل بجلي نظام ۾ بهتري لاءِ اهلڪار موڪلي رهيا آهيون، 2 هزار اهلڪارن کي موڪلڻ هڪ قومي ڪوشش آهي، ٻوڏ دوران به پاور ڊويزن بهترين ڪم ڪيو هو، هن چيو ته اڃان تائين اندازو ناهي ته هن طوفان جا اثر ڪهڙا هوندا، طوفان سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان پوري طرح تيار آهيون، اڃان تائين ايل اين جي جي سپلائي ۾ رنڊڪ آئي، ايل اين جي سپلائي ۾ رنڊڪ سان پاور پلانٽ?? کي گئس جي فراهمي رڪجي ??ئي آهي، گئس جي سپلائي لاءِ متبادل جو انتظام به ڪيو ويو، ڪي اليڪٽرڪ کي گئس جي فراهمي لاءِ انتظام ڪيو ويو آهي، گئس سپلائي ۾ رنڊڪ سان بجلي جي لوڊشيڊنگ ۾ هڪ ڪلاڪ جو اضافو ٿيندو، طوفان سبب ايمرجنسي جي صورتحال چئن ڏينهن تائين رهي سگهي ٿي، ڪجهه علائقن ۾ شايد اسان کي انساني جانين جي تحفظ لاءِ بجلي بند ڪرڻي پئجي سگهي ٿي، هن چيو ته جيڪڏهن 90 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار کان وڌيڪ هوا هوندي ته ونڊ مان پي??او??ر گهٽ ٿيندي، اهو سڀ ??جهه اڃان تائين امڪانن ۾ آهي في الحال سڌو سنئون ڪا اهڙي صورتحال ناهي، جيڪڏهن ايل اين جي نه هجڻ سبب اثر پوي ٿو ته 15 سئو مي??او??ٽ جو شارٽ فال اچي ها، ڪراچي کي هاڻي گئس فراهم ڪئي آهي ته شايد اثر پوندو، اسان جي ڪوشش هئي ته گرمي جي موسم ۾ لوڊشيڊنگ گ??ٽ کان گهٽ ٿئي، ڪوشش به آهي ته گرمي جي موسم ۾ شهري علائقن ۾ 4 ڪلاڪ کان وڌيڪ لوڊشيڊنگن ه ٿئي، وفاقي وزير ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته صارفين تي بار گ??ٽ کان گهٽ پوي. ملڪ ۾ بجلي جي پيدوار 41 هزار مي??او??ٽ تائين آهي، جڏهن ته اڪثر ڪارخانا مهانگي بجلي پيدا ڪن ٿا ته ڪوشش آهي ته متبادل ۽ سستي نظام تي وڃون.