اسلام آباد-09 جولاءِ (اي پي پي)صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسٽيٽ ل??ئيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان کي انشورنس کان پهرين ميڊيڪل ٽيسٽ?? جي باري ۾ پاليسي بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري پريس رليز موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي هدايت ڪئي ته اسٽيٽ ل??ئيف ڊاڪٽرن جو پنيل جوڙي جيڪو تجويز ڪري ته پاڪستان ۾ عام بيماريون ڪهڙيون آهن ۽ پاليسي جاري ڪرڻ کان پهرين ڪهڙيون ٽيسٽون ڪرائڻ گهرجن. صدر اهي حڪم انشورنس ڪمپنين ۽ شهرين طرفان داخل ڪيترين ئي اپيل?? جي ڏس ۾ جاري ڪيون آهن جن ۾ چيو ويو آهي ته انشورنس ڪمپنيون ڪليمز جي ادائيگي کان انڪار ڪ??ي رهيون آهن، انشورنس ڪمپنيون انشورنس کان اڳ بيماري لڪائڻ جي الزام تي انشورنس جي رقم ادا ڪرڻ کان انڪار ڪ??ي رهيون هيون. پاليسي هولڊرز کي مجاز ميڊيڪل آفيسرز ۽ انشورنس ڪمپني?? جي فيلڊ آفيسرز طرفان طبي طور تي فٽ قرار ڏيڻ جي باوجود ڪليمز جي ادائيگي کان انڪار ڪيو پئي ويو. صدر وفاقي محتسب جي فيصلن خلاف اسٽيٽ ل??ئيف انشورنس جون 2 ڌار ڌار اپيلون رد ڪري ڇڏيون. صدر اسٽيٽ ل??ئيف کي ٻن پاليسي هولڊرز?? جي خاندان?? جي ماڻهن کي 36 لک کان وڌيڪ رقم ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. تفيصل موجب محمد يوسف ۽ عابده بي بي اسٽيٽ ل??ئيف کان ترتيبوار 34 لک ۽ 2 لک ر??پي?? جي لائيف انشورنس پاليسيون حاصل ڪيون، پاليسي هولڊرز جي وفات کانپوءِ پوئينرن انشورنس ڪليمز جي ادائيگي لاءِ اسٽيٽ ل??ئيف سان رابطو ڪيو پر انشورنس کان اڳ بيماريون لڪائڻ جو بهانو بڻائي ڪليمز جي رقم ادائيگي کان انڪار ڪيو ويو، اسٽيٽ ل??ئيف کين ان بنياد تي لاڳاپيل رقم ادا ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته هو هيپاٽائيٽس سي، گردي جي دائيمي بيماري، دل جي بيماري ۽ هائي بلڊ پريشر جا مريض آهن، پاليسي هولڊرز انشورنس کان پهرين انهن بيماري?? جي هجڻ جو ذڪر ناهي ڪيو، خاندا?? جي ماڻهن ڌار سان وفاقي محتسب وٽ شڪايت داخل ڪرائي، جنهن ۾ انه?? جي حق ۾ حڪم جاري ڪيا ويا، ان کانپوءِ اسٽيٽ ل??ئيف صدر مملڪت کي اپيل داخل ڪئي جنهن کي رد ڪيو ويو آهي، صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٻنهي پاليسي هولڊرز کي لاڳاپيل ميڊيڪل آفيسرز ۽ فيلڊ آفيسرز طبي طور تي صحتمند قرار ڏنو هو، ميڊيڪل آفيسرز جي ذريعي بيماري?? جي موجودگي جو آساني سان پتو لڳائي سگهيو پئي، صدر چيو ته ميڊيڪل آفيسرن جون خدمتون پاليسيون جاري ڪرڻ کان اڳ پاليسي هولڊرز جي طبي معائني لاءِ حاصل ڪيون ويون هيون. صدر چيو ته اسٽيٽ ل??ئيف ادائيگين کان انڪار نٿي ڪري سگهي ڇاڪاڻ ته ان وٽ مجاز ميڊيڪل آفيسرز جي ذريعي مبينه بيمارين جو پتو لڳائڻ جا سمورا ذريعا موجود هئا. صدر چيو ته اسٽيٽ ل??ئيف ناقص بنيادن تي انشورنس ڪليمز کي رد ڪري بدانتظامي جو ارتڪاب ڪيو آهي، اسٽيٽ ل??ئيف انشورنس کان پهرين بيماري?? جي موجودگي ثابت ڪرڻ جي حوالي سان ڪو به ثبوت پيش نه ڪري سگهي، صدر چيو ته اسٽيٽ ل??ئيف لاڳاپيل خاندا?? جي ماڻهن کي 3.68 ملين روپيا ادا ڪري ۽ ميڊيڪل ٽيسٽ جي حوالي سان پنهنجي پاليسي کي بهتر بڻائي. صدر چيو ته اسٽيٽ ل??ئيف ذيابيطس ۽ هائپرٽينشن وغيره جهڙين مختلف بيماري?? جي باري ۾ انشورنس پاليسي ۽ پريميم جي حوالي سان طبي مرض?? جي خدش?? جي بنياد تي ترميم ڪري مستقبل ۾ اهڙي قانوني ڪارروائي کان بچي سگهي ٿي.