اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??باز شريف نئون اسلامي سال شروع ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني ??هي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ????جب وزيراعظم چيو ته محرم الحرام چار مقدس ۽ حرمت وارن مهينن ۾ شامل آهي، سڄي دنيا حرمت وارن انهن چئن مهينن کي امن جي فروغ لاءِ استعمال ۾ آڻي سگهي ٿي. نبي اڪرم ﷺ هن مبارڪ مهيني ??ي خصوصيت، فضيلت بيان ??رمائي آهي. اسلام کان اڳ به هن مهيني ??ي حرمت هئي. رسول ڪريم ﷺ جي ڏوهٽي حضرت امام حسين عليه جي شهادت به ان ??هيني ۾ ٿي. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ هن مهيني ??بارڪ کي سڀني ??ي لاءِ خير ۽ برڪت جو سبب بڻائي. عبادتن ۽ روزن جي اهتمام جي توفيق عطا فرمائي.