اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وفاقي ڪابينا جي 16 وزيرن حلف کڻي ورتو. ايوان صدر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي نگران وفاقي ڪابينا کان حلف ورتو. ان موقعي تي نگران وزيراعظم ان??ارالحق ڪاڪڙ، پنجاب جو نگرا?? وڏو وزير، سياستدان، بيوروڪريٽس ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ نمايان شخصيتون پڻ موجود هيون. تقريب جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت کانپوءِ قومي تراني سان ٿي. حلف کڻندڙن ۾ ڊاڪٽر شمشاد اختر، سرفراز بگٽي، جليل عباس جيلاني، مرتضيٰ سولنگي، جمال ??اه??، ڊاڪٽر عمر سيف، ان??ق احمد، ڊاڪٽر نديم جان، ليفٽيننٽ جنرل (ر) ان??ر علي حيدر، سميع سعيد، گوهر اعجاز، احمد عرفان اسلم، شاهد اشرف تارڙ، خليل جارج، مدد علي سنڌي ۽ محمد علي شامل آهن.