اسلام آباد-27 آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ بلوچستان جي شهرين جا مسئلا جلد کان جلد حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب هن اها خاطري صاحبزاده محمد خان جي سربراهي ۾ بلوچستان جي هڪ وفد سان ملاقات ۾ ڪرائي. وفد انوار الحق ڪاڪڙ کي وزارت عظميٰ جو ????دو سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو ??ظهار ڪيو. وفد وزيراعظم کي بلوچستان جي شهرين کي درپيش پراڻن مسئلن جي حوالي سان آگاهه ڪيو. وزيراعظم وفد کي بلوچستان جي شهرين جي مسئلن کي جلد کان جلد حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي.