اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي ”بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو“ تحت ”چين – پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبي تي اڳڀرائي کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ملڪ گير ??صو??ري مقابلي جي لاءِ پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ کي س??ين درخواستون ملي چڪيون آهن. پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ جي تعاون سان اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران شروع ڪيل ”ملڪ گير بهترين بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو منصوبا ??صو??ري مقابلو) ۾ شامل ڪئي ويندڙ ??صو??رن جي وصولي جي آخري تاريخ 7 آڪٽوبر 2023ع آهي. ??صو??ري مقابلي جي ٽائيم لائين موجب ”انفراسٽرڪچر اينڊ ڊيولپمينٽ، پيپلز اينڊ اسٽوريز انوائرمنٽل امپيڪٽ“ جي ڪيٽيگريز م پاڪستان ۾ سي پيڪ ۽ بي آر آئي منصوبن بابت ??صو??رون 7 آڪٽوبر تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿيون جڏهن ته 8 آڪٽوبر کان 9 آڪٽوبر تائين ناليوارن فوٽوگرافرن، فنڪارن ۽ لاڳاپيل سرڪاري ادارن تي ٻڌل پينل پاران حتمي فيصلي کانپوءِ مقابلي ۾ فتح ماڻيندڙن جو اعلان 10 آڪٽوبر تي ڪيو ويندو. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ جي حصيداري سان انعام ورهائڻ واري تقريب ۽ نمائش 12 آڪٽوبر 2023ع تي ٿيندي جنهن ۾ ناليواريون شخصيتون، عملدار ۽ ميڊيا سان تعلق رکندڙ ماڻهو شرڪت ڪندا. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل عنبرين جان مقابلي جي لاءِ انتظامن جو جائزو وٺڻ جي لا??ِ ڪالهه خميس ڏينهن فالو اپ اجلاس جي صدارت ڪئي. پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ جي سربراهه مصطفيٰ سيد کانسواءِ اجلاس ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل پي آءِ ڊي رئيسه عادل ۽ وزارت ۽ ان سان لاڳاپيل کاتن جي ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. عنبرين جان پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ کي وزارت ۽ ان سان واڳيل ادارن بشمول پي ٽي وي، ريڊيو پاڪستان، اي پي پي، پي آءِ ڊي، اي پي ونگ، آئي پي ونگ، ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا پبليڪشنز ۽ ٻين ادارن جي ملٽي ميڊيا پليٽ فارمز استعمال ڪندي ??صو??ري مقابلي کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. مصطفيٰ سيد اجلاس کي ملڪ گيري ??صو??ري مقابلي جي مقصدن، ان جي طريقيڪار ۽ ٽائيم لائين کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ کي ??صو??ري مقابلي جي لاءِ س??ين درخواستون مليون آه??. ا??لاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ هڪ غيرسرڪاري، غيرجانبدار ۽ غيرسياسي ٿنڪ ٽينڪ آهي جيڪا پاڪستان ۽ چين جي عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لا??ِ ڪوششون ڪري رهي آهي. پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ ايوارڊز کٽيندڙن جي لاءِ چين جي دوري جو به اهتمام ڪندو. خميس ڏينهن ٿيندڙ اجلاس 25 سيپٽمبر تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري ظهور احمد جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس جو فالو اپ هو جنهن دوران اطلاعات واري سيڪريٽري چيو هو ته ??صو??ري مقابلو سي پيڪ ۽ بي آر آئي منصوبن کي اجاگر ڪرڻ سان گڏوگڏ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ گهري ۽ ويجهي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ٿيندو.