اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وز??ر مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان جو امن هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهي، موثر بارڊر مئنيجمينٽ ۽ سيڪي??رٽ?? ٻنهي ملڪن جي عوام جي مفاد ۾ آهي. اها ڳالهه هن افغان صحافين جي وف?? سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪئي. ملاقات ۾ افغان صحافين جي مسئلن، ويزا جي معاملن ۽ ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اطلاعات واري نگران وفاقي وز??ر چيو ته ميڊيا جي ذميواري آهي ته امن دشمنن جي نشاندهي ڪري ته جيئن رياست انهن کي شڪست ڏئي سگهي. هن چيو ته افغان صحافين جي ويزا معاملن تي گهرو وزارت، پرڏيهي وزارت سان رابطو ڪيو ويندو. پاڪستان هڪ ذميوار رياست طور ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو ته سمورا غيرملڪي قانوني طريقي سان اسان جي ملڪ ۾ داخل ٿيا. افغان صحافين جي وفد اطلاعات واري نگران وفاقي وز??ر جا مسئلن جي حل جي خاطري تي ٿورا مڃيا.