اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگر??ن وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي سالياني چونڊن ۾ نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته وڪيل جمهوريت، انساني حقن ۽ آئين جا محافظ آهن، ق??نو?? جي حڪمراني، آئين جي بالادستي ۽ جمهوري رو??يت?? جي فروغ ۾ وڪيلن جو روشن ڪردار تاريخ جو حصو آهي. پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ اطلاعات واري نگر??ن وفاقي وزير سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل صدر شهزاد شوڪت، سيڪريٽري علي عمران سيد سميت ٻين عهديدارن کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته انصاف کانسواءِ ترقي يافته معاشري جو قيام ممڪن نه آهي. هن چيو ته وڪيل بار ۽ بئنچ جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪن ٿا. نوان چونڊيل عهديدار آئين جي بالادستي ۽ ق??نو?? جي حڪمراني جي لاءِ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندا رهندا. هن اميد ظاهر ڪئي ته سپريم ڪورٽ بار جو فاتح پينل وڪيل برادري جي مسئلن جي حل سميت اهم عدالتي معاملن ۾ مثبت ۽ موثر ڪردار ادا ڪندو.