مظفر آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) آزاد ??ڪو??ت رياست ڄمون ۽ ڪشمير جو 76 هون يوم تا??يس سڄي رياست ۾ وڏي جوش ۽ جذبي سان ??لهايو ويو. 76 هين يوم تا??يس جي موقعي تي سڄي رياست ۾ تقريبون منعقد ڪري ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ جي شهيدن، شهداءِ پاڪستان، پاڪ فوج جي شهيدن ۽ شهداءِ پوليس کي خراج عقيدت پيش ڪندي ان عزم جي تجديد ڪئي وئي ته ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ جي ڪاميابي ۽ ان جي منزل حاصل ڪرڻ ??عن?? الحاق پاڪستان تائين جدوجهد جاري رهندي. 76 هين يوم تا??يس جي موقعي تي ڏينهن جي شروعات مظفر آباد مان 21 توپن جي سلامي سان ??ي، پاڪ فوج يوم تا??يس جي موقعي تي توپن جي سلامي ڏني. 76 هين يوم تا??يس جي مرڪزي تقريب گادي واري شهر مظفرآباد پريڊ گرا??ون?? ۾ منعقد ٿي جنهن جو خاص مهمان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو صدر بئريسٽر سلطان ??حمود چوڌري هو. مرڪزي تقريب ۾ آزاد ??ڪو??ت رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر، ??ڪو??تي وزيرن، اسيمبلي ميمبرن، ??ڪو??تي سيڪريٽرين، انسپيڪٽر جنرل پوليس، پاڪ فوج جي آفيسرن سميت سول ۽ عسڪري عملدارن کانسواءِ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ آزاد ڪشمير پوليس، ريسڪيو 1122، ڪمانڊوز، گرلز گائيڊ، بوائز اسڪائوٽس، ٽورسٽ پوليس جي دستن سلامي ڏني ۽ مارچ پاسٽ ڪيو. صدر رياست بئريسٽر سلطان ??حمود چوڌري، وزيراعظم چوڌري انوارالحق پرچم ڪشائي پڻ ڪئي. صدر رياست بئريسٽر سلطان ??حمود چوڌري پريڊ جو معائنو پڻ ڪيو. صدر رياست بئريسٽر سلطان ??حمود چوڌري ۽ وزيراعظم چوڌري انوارالحق ڪاڪڙ يوم تا??يس جي تقريب کي خطاب پڻ ڪيو.