اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اولهه ملڪن سان لاڳاپا وڌائڻ تي زور ڏنو آهي ته جيئن اسرا??يل کي اهو احساس ڏياري س??هج?? ته غزه جنگ جا اثر خطي کان ٻاهر ٿي سگهن ٿا، اسان کي مختلف اولهندي گادي وارن شهرن خاص طور تي واشنگٽن ۽ لنڊن سان رابطي جي ضرورت آهي ته جيئن اهي اسرا??يل کي اهو باور ڪرائين ته اسرا??يل نه رڳو خطي کي غيرمستحڪم ڪري رهيو آهي پر شايد ??ن جو خطي کان ٻاهر به اثر پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن عرب نيوز ۾ شايع ٿيندڙ انٽرويو ۾ ڪيو. نگران وزيراعظم کان سوال ڪيو ويو ته ڇا پاڪست??ن جي حڪومت کي آمريڪا پاران اسرا??يل جي خلاف پنهنجي موقف ۾ لچڪ جي ڪا درخواست ملي آهي. ??ن جي جواب ۾ انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته مون کي اهڙي ڪنهن درخواست جي ڄاڻ نه آهي، اهڙي ڪا به درخواست منهنجي خيال ۾ غيرحقيقي آهي، ڪنهن کي اهڙن واقعن تي خاموش رهڻ جي درخواست ڪرڻ جو سوچڻ به کل جو??و آهي. هن فوري طور تي ”تشدد جي خاتمي“ جو مطالبو ڪندي غزه تي اسرا??يل جي حملي کي ”واضح طور تي نسل ڪشي“ قرار ڏنو. هن ٻڌايو ته هو هن هفتي جي آخر ۾ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي هڪ غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ رياض و??ند?? جنهن ۾ فلسطين تي اسرا??يل جي حملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ند??. نگران وزيراعظم چيو ته ٻارن کي ماري اهو نٿو چئي س??هج?? ته اهو پنهنجي دفاع جو حق آهي، اهو وحشياڻي انتقامي ڪارروائي جو لائيسنس آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مسلمان عالمي آبادي جو 24 سيڪڙو آهن جڏهن ته هڪ ارب 80 ڪروڙ مسلمانن جو ڪردار سواليه نشان آهي. هن چيو ته اسان کي ان پوري مسلمان آبادي کي اهو سوچڻ جي ضرورت آهي ته عالمي سطح تي اس??ن جو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي حوالي سان ڪهڙو تعاون آهي، اهي 50 کان وڌيڪ مسلمان ملڪ پنهنجي لاءِ ڪهڙي قسم جون دفاعي صلاحيتون تيار ڪري رهيا آهن.