اسلام آباد – 27 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي سان نائجيريا ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ??مش??ر ميجر جنرل (ر) سهيل احمد خان ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ٿيندڙ ملاقات ۾ صدر ڊا??ٽر عارف علوي نائجيريا سان واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت ??ي زور ڏيندي چيو ته نائجيريا سان واپاري، اقتصادي ۽ ثقافتي تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت ??هي. ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ ٻطرفي واپاري ڪاٿي کي وڌائڻو پوندو، نائجيريا آفريقا جي سڀ کان وڏي معيشت آهي. هن چيو ته پاڪستان کي نائجيريا سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا بهتر بڻائڻ ??ا موقعا ڳولڻ گهرجن. اقتصادي سفارتڪاري پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو مرڪزي حصو آهي. نامزد هاءِ ??مش??ر ثقافتي ۽ عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪري. صدر ڊا??ٽر عارف علوي ميجر جنرل (ر) سهيل احمد خان کي نائجيريا ۾ مقرري تي کيس مبارڪباد ڏني.