اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتصيٰ سولنگي چيو آهي ته اهڙي ڪا صورتحال نه هوندي جنهن سان اليڪشن جي انتظامن ۽ انعقاد ۾ ڪو مسئلو درپيش اچي. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ماڻهن جي زندگين کي خ??رن تي الرٽس جاري ٿيندا آ??ن، لاڳاپي?? ادارا حفاظتي قدم کڻي رهيا آ??ن، انهن الرٽس جو اليڪشن جي انعقاد سان ڪو تعلق نه آهي. هن چيو ته اهڙا مسئلا ماضي ۾ به ايندا رهيا آ??ن، 2008ع ۽ 2013ع جي چونڊن ۾ سيڪيورٽي جا مسئلا وڌ??ڪ سنگين هئا، الله تي ڀروسو ۽ سيڪيورٽي ادارن جي صلاحيتن تي اعتماد رکو، چونڊون انشاءَ الله 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون. هڪ سوال تي هن چيو ته مون کي پورو يقين آهي ته اهڙي ڪا صورتحال نه ٿيندي جنهن سان اليڪشن جي انتظامن ۽ انعقاد ۾ ڪو مسئلو درپيش اچي.