اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي ڀائر ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ اقتصادي تعاون جون نيون راهون ڳولڻ تي زور ڏيندي ??يو آهي ته پا??ستان تاجڪستان سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، تاجڪستان پا??ستان جو سڀ کان ويجهو ۽ وچ ايشيائي پا??يسري ملڪ آهي، پا??ستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي تعاون جا وسيع امڪان آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي پا??ستان ۾ تاجڪستان جي سفير سان ڳالهائي رهيو هو، جنهن الوداعي ملاقات ڪئي هئي. صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي ??يو ته اسلامو فوبيا، سائنس ?? ٽيڪنالاجي تي اسلامي دنيا ۾ تعاون لازمي آهي، جديد دور جي چئلينجز ک?? منهن ڏيڻ جي لاءِ سائنس ?? ٽيڪنالاجي ۾ تعاون وڌندو. صدر واپار، توانائي ۽ دفاع سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن ??يو ته پا??ستان غزه جي عوام جي ڏک ۾ دل جي گهراين سان شريڪ آهي، غزه ۾ اسرائيلي فورسز انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون ڪري رهيون آهن، غزه مان دردناڪ منظر سامهون اچڻ جي باوجود عالمي برادري اسرائيلي ظلمن کي روڪڻ ۾ ناڪام رهي. صدر عهدو ڇڏيندڙ سفير کي اسلام آباد ۾ پنهنجي ملازمت جي مدي جي ڪاميابي سان تڪميل تي مبارڪباد ڏني. صدر پا??ستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ دوستاڻي لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ سفير جي ڪوششن کي ساراهيو.