راولپنڊي – 08 فيبروري (اي پي پي) عام چونڊن 2024 ۾ راولپنڊي ضلعي ۾ پولنگ جو عم?? پرامن طريقي سان مڪمل ٿيو. راولپنڊي ضلعي ۾ عام چونڊون 2024 لاءِ 7 قومي اسيمبلي ۽ 14 صوبائي اسيمبلي جي اميدوارن جي چونڊ لاءِ پولنگ پرامن طريقي سان ختم ٿي وئي. صبح 8 وڳي شروع ٿيل پولنگ شام 5 وڳي تائين ڪ??هن به وقفي کانسواءِ جاري رهي. پوليس طرفان ضلعي جي سمورن پولنگ ا??ٽيشنز تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا جتي ووٽرز ڪ??هن به خوف کانسواءِ پنهنجي راءِ ڏيڻ جو حق استعمال ڪيو. ضلعي جي ڪ??هن به حصي ۾ ڪو اڻ وڻندڙ واقعو پيش نه آيو. آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊن لاءِ 16500 کان وڌيڪ پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن سيڪيورٽي جا فرض ادا ڪيا. حساسيت جي لحاظ سان ڪيٽيگري اي جي 694 پولنگ ا??ٽيشنز، بي ڪيٽيگري جا 1371 ۽ سي ڪيٽيگري جا 3425 پولنگ ا??ٽيشن هئا. ريجنل پوليس آفيسر راولپنڊي ريجن سيد خرم علي مطابق اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي جاري ڪيل ضابطه اخلاق تي عم?? کي هر قيمت تي يقيني بڻايو ويو.