اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) پارليامنٽ هائوس جي گڏيل اج??اس ۾ صدارتي اليڪشن لاءِ پولنگ شروع ٿيڻ کان اڳ پريذائيڊنگ آفيسر جسٽس عامر فاروق ميمبرن کي پولنگ جي طريقيڪار ۽ بيلٽ پيپر جي استعمال جي حوالي سان هداي??ن جاري ڪيون. پارليامنٽ جي گڏيل اج??اس ۾ صدارتي اليڪشن لاءِ پولنگ جي شروعات کان اڳ پريذائيڊنگ آفيسر ميمبرن کي ٻڌايو ته بيلٽ پيپر تي لاڳاپيل اميدوار جي نا??ي آڏو ڪراس جو نشان لڳائڻو پوندو، اهو نشان لاڳاپيل اميدوار جي نا??ي آڏو ٺهيل خاني جي اندر هجڻ ضروري آهي. جيڪڏهن ڪنهن ميمبر جو بيلٽ پيپر ڪنهن سبب ڪري خراب ٿي وڃي ته هو پهريون ??يلٽ پيپر واپس جمع ڪرائي ٻيو وٺي سگهي ٿو. هن چيو ته پولنگ بوٿ ۾ موجود پينسل کان علاوه ٻيو قلم نشان لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي.