اسلام آباد– 04 – اپريل (اي پي پي) پاڪس??ان ايران جي شهر راسڪ ۽ چابهار ۾ پوليس ۽ سيڪيورٽي ٺڪاڻن تي ٿيندڙ ڪڌي ۽ وحشياڻي دهشتگرد حملن جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري هڪ بيان ۾ چيو ته اسان متاثرين جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ڪريون ٿا ۽ زخمين جي صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون، پاڪس??ان دهشتگردي ??ي خلاف جنگ ۾ ايران جي عوام ۽ حڪومت سان گڏ بيٺل آهي. ترجمان چيو ته پاڪس??ان هر قسم جي دهشتگردي ??ي مذمت ڪري ٿو، اسان کي هن خطي ۾ دهشتگردي ??ي وڌندڙ ڪاررواين تي گهري ڳڻتي آهي، اهو هڪ علائقائي ۽ عالمي خطرو آهي جنهن جي لاءِ پرعزم ردعمل جي ضرورت آهي.