رياض -28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان رياض ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي خصوصي ا??لا?? جي موقعي تي ڪويت جي امير شيخ ??شعل الاحمد الجابر الصباح ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مطابق وزيراعظ?? پنهنجي ٻيهر چونڊڻ تي امير جي مبارڪن واري خط تي سندس شڪريو ادا ڪيو. شيخ ??شعل الاحمد الجابر الصباح کي امير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون ڏيندي وزيراعظم ساڻس م??ي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ته جيئن ٻه طرفي لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي شراڪتداري ۾ تبديل ڪري سگهجي جيڪو ٻنهي ملڪن جي عوام جي بهترين مفادن ۾ هوندو. پاڪستان ۽ ڪويت نومبر 2023ع ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ سهڪار کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحيون ڪيون هيون. ملاقات ۾ ٻه طرفي لاڳاپن کان علاوه علائقائي صورتحال خاص ڪري غزه جي بحران جي حوالي سان به ڳالهيون ڪيون ويون. وزيراعظم ڪويت جي امير کي جلد کان جلد پاڪستان جي سرڪاري دوري ڪرڻ جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو.