بيجنگ – 16 – مئي (ا?? پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پر??يه?? وزير مح??د اسحاق ڊار بيجنگ ۾ چين جي ايگزم بئنڪ جي چيئرمين ووفلن سان ملاقات ڪئي. پر??يه?? آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ ايگزم بئنڪ جي چيئرمين ايگزم بئنڪ جي پاڪستان سان پراڻي تعاون ۽ پاڪستان ۾ مستقبل جي سي??پڪاري ۾ دلچسپي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات دوران نائب وزيراعظم مالياتي ۽ اقتصادي استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن ۽ ڪاروبار دوست پاليسين جو خاڪو پيش ڪيو، هن خاص طور تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي شاندار ڪارڪردگي کي ساراهيو. نائب وزيراعظم پاڪستان جي معيشت تي عالمي سي??پڪارن جي اعتماد جي تجديد ڪئي. نائب وزيراعظم مح??د اسحاق ڊار س?? پيڪ تحت پاڪستان ۾ اهم ترقياتي منصوبن جي لاءِ ايگزم بئنڪ جي ڀرپور حمايت کي ساراهيو. نائب وزيراعظم بئنڪ کي قابل تجديد توانائي، زراعت، صنعتڪاري ۽ صنعتي شعبن ۾ فنانسنگ جي نئين منصوبن جي ڳولا جي دعوت پڻ ڏني.