تهران – 23 – مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ايران جي دوري دوران مرحوم ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ سندس ساٿين جي حوالي سان منعقد تعزيتي ??قريب ۾ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سميت عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير سميت هيليڪاپٽر حادثي جي شهيدن جي تعزيت لاءِ ايران جي هڪ ڏينهن جي دوري تي ويو. ان موقعي تي وزيرا??ظم جي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سان ملاقات ٿي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيرا??ظم سان آذربائيجان جي وزيرا??ظم علي اسدوو پڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ آذربائيجان جا ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي حوالي سا?? ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيرا??ظم باڪو ۾ ٿيندڙ 29 هين گڏيل قومن جي ڪانفرنس آف پارٽيز جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيرا??ظم ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن ح??د آل ثاني جي وچ ۾ ملاقات پڻ ٿي. ملاقات ۾ پاڪ قطر ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيرا??ظم ترڪيه جي نائب صدر جودت يلماز ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان سان جدا جدا ملاقاتون پڻ ڪيون. ملاقاتن ۾ ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ وزيرا??ظم ترڪ صدر رجب طيب اردوان کي پاڪستان جي دوري جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو. وزيرا??ظم ايران جي سپريم ليڊر جي مقرر ڪيل انتظامي اسيمبلي ”مجمع تشخيص مصلحت نظام“ جي ميمبر احمدي نزاد سان پڻ ملاقات ڪئي.