اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ملٽي مشن ڪميونيڪشن سيٽلائيٽ ”پاڪ سيٽ ايم ايم ون“ کي ڪاميابي سان لانچ ڪري ڇڏيو جيڪو ملڪ جي خلائي ۽ م??اص??اتي صلاحيتن ۾ اهڪ اهم سنگ ميل آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب جديد ترين م??اص??اتي ٽيڪنالاجي سان ليس اهو جديد جيو اسٽيشنري سيٽلائيٽ، جيو اسٽيشنري مدار ۾ پاڪستان جي موجودگي کي سگهه ڏي ٿو ۽ ان جو مقصد پوري ملڪ ۾ سيٽلائيٽ تي ٻ??ل م??اص??اتي خدمتن کي وڌائڻ آهي. بيان موجب ”پاڪ سيٽ ايم ايم ون“ هڪ مضبوط، آزاد قومي ڪميونيڪشن پليٽ فارم فراهم ڪ??ڻ جي لاءِ تيار آهي جيڪو ”ڊيجيٽل پاڪستان“ جي قدمن کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ ضروري آهي. اهو قدم هڪ ڊيجيٽائيزڊ ماحولياتي نظام جي ترقي کي تيز ڪرڻ، علم تي ٻ??ل معيشت کي فروغ ڏيڻ ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ تيار آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سيٽلائيٽ جون صلاحيتون سيٽلائيٽ جي ذريعي تيز رفتار براڊ بينڊ انٽرنيٽ خدمتن جي فراهمي جي لاءِ خاص طور تي اهم آهن، اهڙي طرح پاڪستان جي سڀ کان ڏورانهن ۽ غيرمحفوظ علائقن ۾ رابطي کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو، اميد ڪئي وڃي ٿي ته ان اڳڀرائي سان انهن علائقن جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ نمايان طور تي حصو وجهندو ۽ ڊيجيٽل ورڇ کي ختم ڪ??ڻ سميت مجموعي قومي ترقي ۾ اضافو ٿيندو. بيان موجب ”پاڪ سيٽ ايم ايم ون“ ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو ته واپاري ۽ عوامي ٻنهي شعبن کي م??اص??ات جي بهتر ڍانچي سان فائدو پهچڻ قومي ترقي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ جي پاڪستان جي عزم جي ثبوت طور بيٺل آهي.