اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت، سمورن وفاقي سرڪاري ادارن ۽ لاڳاپيل عملدارن کي حڪومت جي سموري ڪارروائي کي اليڪٽرانڪ – آفيس (اي آ??يس) تي منتقل ڪرڻ جو هدف ڏئي ڇڏيو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ سرڪاري آ??يسن ۽ ادارن ۾ اي آ??يس لاڳو ڪرڻ بابت جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزي شزه فاطمه خواجه، وزيرا??ظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي اي آ??يس جي نظام، ان تي عملدرآمد ۽ سڌارن تي اڳڀرائي جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. وزيرا??ظم انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت، سمورن وفاقي سرڪاري ادارن ۽ لاڳاپيل عملدارن کي اي آ??يس ۾ سڌارن ۽ ان تي جلد عملدرآمد جي هدايت ڪري ڇڏي. وزيرا??ظم سموري حڪومتي ڪارروائي کي ڪاغذي فائيلن کان اي آ??يس تي منتقل ڪرڻ جي لاءِ جلد هڪ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ هدايت ڪئي. وزيرا??ظم پڇيو ته 20 سال اڳ اي آ??يس تي ڪم شروع ٿيو، ايتري عرصي ۾ ان تي مثبت اڳڀرائي ڇو نه ٿي. وزيرا??ظم اهو به پڇيو ته سڄي دنيا ۾ اي آ??يس تي ڪم ٿي رهيو آهي، پاڪستان ۾ ان منصوبي جي راهه ۾ ڇو رڪاوٽون پيدا ڪيون ويون. وزيرا??ظم چيو ته اي آ??يس تي منتقلي سان نظام ۾ شفافيت پيدا ٿيندي، ملڪي خزاني جا اربين رپيا بچائي سگهبا. اڄ جيڪڏهن رڳو سرڪاري خريداري ۾ ئي اي آ??يس لاڳو ٿي چڪو هجي ها ته هيستائين ملڪي خزاني جا اربين رپيا بچائي سگهجيا پئي. هن چيو ته اهڙن ماڻهن جي نشاندهي ڪئي وڃي جن ڄاڻي واڻي اي آ??يس جي نظام کي سستي جو شڪار رکيو. اي آ??يس جي استعمال کي آسان ۽ جديد ۽ محفوظ بڻايو وڃي. اي آ??يس نظام جي تياري ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ عالمي سطح تي لاڳو مثالن کان مدد ورتي وڃي. وزيرا??ظم چيو ته اي آ??يس جي نئين سر تياري جي لاءِ عالمي شهرت يافته ماهرن جي مدد ورتي وڃي. اي آ??يس سان لاڳاپيل اسٽاف جي ميرٽ تي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ غيرضروري، غيرلاڳاپيل ۽ مسلسل ناقص ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ماڻهن کي نوڪري تان فارغ ڪيو وڃي.