اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته اپوسٽائل ويب ايپلي ڪيشن جاري ڪرڻ ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويو آهي، اپوسٽائل ويب ايپلي ڪيشن سان دستاويزن جي ويري فڪيشن جو ڪم آسان ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي آفيس ۾ اپوسٽائيل ويب ايپلي ڪيشن جاري ڪرڻ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نائب وزيراعظم چيو ته اپوسٽائل ويب ايپلي ڪيشن کي ڪامياب بڻائڻ ۾ ڪيترائي مرحلا طئي ڪيا ويا، اپوسٽائل ويب ايپلي ڪيشن جاري ڪرڻ سان عوام کي ڊگهي قطارن ۾ لڳڻو نه پوندو. هن چيو ته اپوسٽائل ويب ايپلي ڪيشن جاري ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه عرصي کان ڪم جاري هو، نائب وزيراعظم چيو ته اپوسٽائل ويب ايپلي ڪيشن جاري ڪرڻ خوش آئنده آهي. اپوسٽائل ڪنوينشن جي باقاعده افتتاحي تقريب پرڏيهي و??ارت اسلام آباد ۾ ٿي. نائب وزيراعظم اپوسٽائل ويب ايپلي ڪيشن جاري ڪرڻ جي افتتاحي تقريب جي صدا??ت ڪئي جنهن ۾ پرڏيهي و??ارت، انفارميشن ٽيڪنالاجي و??ري و??ارت ۽ نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. باقاعده افتتاحي تقريب سان گڏ عالمي استعمال جي لاءِ عوامي دستاويز جي تصديق کي هموار ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي خطاب ۾ نائب وزيراعظم عوامي سهولت جي حڪومت جي ترجيح ۽ دستاويزن جي تصديق ۽ قانوني حيثيت کي آسان بڻائي موثر عوامي خدمتن جي ??را??مي ۾ پرڏيهي و??ارت جي ڪوششن جو خاڪو پيش ڪيو. هن وزارت جي آفيسرن تي زور ڏنو ته اهي موثر عوامي خدمتن جي ??را??مي جي سلسلي ۾ وڌيڪ متحرڪ رهن. اپوسٽائل سرٽيفڪيشن جي باضابطا شروعات سان پرڏيهي و??ارت ۽ ڪراچي، لاهور، پشاور، ڪوئيٽا ۽ گجرات ۾ ان جي رابطا آفيسن کي اپوسٽائل تصديق جي لاءِ دستاويز اڳ ۾ ئي اعلان ڪيل پنج ڪوريئر ڪمپنين جي ذريعي ملندا. ڪالهه اربع ڏينهن پرڏيهي و??ارت هڪ ”آن لائين اپوسٽائل ايپلي ڪيشن سسٽم“ پڻ متعارف ڪرايو آهي. ان نظام تحت ڪو به ماڻهو پنهنجو پروفائيل ٺاهي ۽ حبيب بئنڪ لميٽيڊ پاران متعارف ڪرايل ”آن لائين ادائيگي ايپ“ جي ذريعي سڌوسنئون دستاويز جمع ڪري اپوسٽائل جي لاءِ آن لائين درخواست ڏئي سگهي ٿو.