اسلام آباد -24 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اي پروڪيورمينٽ منصوبي کي هڪ مهيني ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي، ته پروڪيورمينٽ جي عمل جي حو??لي سان شڪايتن ۽ خدشن جي حل جي نظام کي موثر بڻائڻ لاءِ ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن ڪرائي وڃي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري پريس رليز موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اليڪٽرانڪ پروڪيورمينٽ، اي- پاڪ ايڪيوزيشن اينڊ ڊسپوزل سسٽم جي حو??لي سان اجلاس منعقد ٿيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته حڪومت سمورن خريدارن جي حو??لي سان شفاف طريقو لاڳو ڪرڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم پروڪيورمينٽ جي عمل جي حو??لي سان شڪايتن ۽ خدشن جي حل جي نظام کي موثر بنائڻ لاءِ ان جي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن جي هدايت ڪندي چيو ته پروڪيورمينٽ جي عمل جي حو??لي سان شڪايتن ۽ خدشن جي حل جي نظام کي پروڪيورنگ ايجنسي جي ماتحت نه هئڻ گهرجي، ان حو??لي سان قاعدن ۽ ضابطن ۾ ترميم لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. وزيراعظم 2 بلين روپين کان وڌيڪ جي سمورن ترقياتي منصوبن کي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن ڪرائڻجي هدايت ڪئي. وزيراعظم کي اي-پروڪيورمينٽ تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم منصوبي تي عملدرآمد ۾ سستي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ڪم جي معيار ۽ ان پراسس جي مڪمل نه هئڻ تي به ناراضگي جو اظهار ڪندي هڪ مهيني ۾ منصوبي کي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته اي پروڪيورمينٽ جو منصوبو پبلڪ پروڪيورمينٽ ريگيوليٽري ورلڊ بيئنڪ جي فنڊنگ سان 2017ع ۾ شروع ڪيو، اي پروڪيورمينٽ جي منصوبي جي مڪمل لاڳت 45 ملين آمريڪي ڊالرز آهي. وفاقي حڪومت جي 37 وزارتن ۽ 301 پروڪيورنگ ايجنسين ۾ اي پروڪيورمينٽ لاڳو ٿي چڪو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پي پي آر اي طرفان پروڪيورنگ ايجنسين جي 8988 آفيشلز کي اي پروڪيورمينٽ جي تربيت ڏني وئي آهي، وفاقي حڪومت جو اي پروڪيورمينٽ جي حو??لي سان ڳاڻيٽو تقريبن 1551 بلين روپيا آهي، اي پروڪيورمينٽ جي حو??لي سان پنجاب، سنڌ، خيبر پختو??خو?? ۽ آزاد ڄمن ڪشمير جي حڪومتن سان مفاهمتي يادداشتن تي صحيحيون ٿي چڪيون آهن. اجلاس ۾ وفاقي وزير احد خان چيمه، ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم واري وزير مصدق ملڪ، وزيراعظم جي ڪو آرڊينيٽر رانا احسان افضل ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.