اسلام آباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي) س??ي ملڪ ۾ جھاز راني جو عالمي ڏھاڙو ملھايو ويو. ھلندڙ سال ان ڏينھن ج?? موضوع ”نيويگيٽنگ دي فيوچر، سيفٽي فرسٽ“ چونڊيو ويو ھو جيڪو سامونڊي حفاظت ۽ سلامتي کي ھٿي وٺرائڻ جي اھميت کي اجاگر ڪري ٿو. ان ڏينھن کي ملھائڻ جو مقصد سمنڊ اندر مسافرن، مال بردار، تيل ۽ ڪيميڪل برادر ٻيڙن جي حفاظتي سفر جڏھن ته سمنڊ ۾ پيش ايندڙ گڏيل مسئلن جي حل کي ڳولڻ ۽ ان جي ازالي لاءِ عملي قدمن کي يقيني بڻائڻ آھي. جھاز راني جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي س??ي ملڪ مان سرڪاري ۽ نجي ادارن جي انتظام ھيٺ مختلف تقريبون رکيون ويون ج?? جو مقصد سمنڊ جي حفاظت ۽ سلامتي کي ھٿي ڏيڻ جي حوالي سان عام ماڻھو ۾ جاڳرتا پيدا ڪ??ڻ آھي.